22 جمعرات , نومبر 2018

چيني پرڏيهي وزير سڀاڻي ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچندو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزير وانگ اي سڀاڻي ٽن ڏينهن جي دوري لاءِ پاڪستان پهچندو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وانگ اي پنهنجي پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي جي دعوت تي پاڪستان وڃي رهيو آهي. هو جمعي کان وٺي آچر تائين پاڪستان ۾ موجود رهندو ۽ ان دوران پاڪستاني اختيارين سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو. ترجمان هواچن ينگ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملاقاتن ۾ گڏيل لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، پاڪستان ۽ چين هر قسم جي حالتن ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنر آهن، ٻئي ملڪ سٺا پاڙيسري، دوست ۽ ڀائر آهن. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار ۽ ترقي جو عمل جاري آهي، سي پيڪ جا فائديمند نتيجا حاصل ٿي رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے