11 منگل , دسمبر 2018

حمزا شهباز پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز کي مخالف ڌر اڳواڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. حمزا شهباز کي پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ صوبائي اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ان حوالي سان لکت ۾ آرڊر به جاري ڪري ڇڏيو آهي. حمزا شهباز جي مقرري صحيحن جي جاچ پڙتال سبب دير جو شڪار ٿي هئي. صوبائي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ ڏنل درخواست تي موجود صحيحن تي اسيمبلي سيڪٽريٽ اعتراض واريو هو ته درخواست تي هڪ ئي شخص سمورن ميمبرن جون صحيحون ڪيون آهن، پوءِ ميمبرن کي ٻيهر گهرائي صحيحون جي جاچ پڙتال ڪئي وئي ۽ حمزا شهباز کي پنجاب اسيمبلي اسپيڪر اپوزيشن ليڊر مقرر ڪري ڇڏيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان پوليو جي خاتمي لاءِ قوم کي سهڪار جي اپيل ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے