13 منگل , نومبر 2018

نيوز |مير پور ماٿيلو: بچاءَ واري ڏهاڙي جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي

مير پور ماٿيلي ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي جي موقعي تي ريلي ڪڍي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي.

ايس ايس پي گهوٽڪي اسد اعجاز ملهي جي اڳواڻي ۾ ڊگري ڪاليج جي پرنسيپال شبير ميمڻ، جي يو آءِ جي مولانا اسحاق لغاري، برڪت مهر سميت ٻين ريلي ڪڍي پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي  اسد اعجاز چيو ته هو ملڪ جي بچاءَ لاءِ حياتين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي ڀيٽا ڏين ٿا.

هن چيو ته شهيدن پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري ملڪ دشمن سان اکيون اکين ۾ ملائي رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندا رهيا.

سندس چوڻ هو ته ملڪ لاءِ حياتيون ڏيندڙ شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: صحافين جي احتجاجي ڪيمپ ۾ سي پي اين اي جي وفد جي شرڪت

رپورٽ: صحافين جي احتجاجي ڪيمپ ۾ سي پي اين اي جي وفد جي شرڪت

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے