15 جمعرات , نومبر 2018

عالمي امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي: مليحا لوڌي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي چيو آهي ته عالمي امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب دوران ڪشمير مسئلي جي حل تي زور ڏيندي مليحا لوڌي جو چوڻ هو ته پرڏيهي قبضو ۽ حق کان انڪار ناانصافي آهي، تنهن ڪري امن قائم ڪرڻ رڳو انصاف سان ئي ممڪن آهي، اسان کي پراڻي ۽ اهم تڪرار جي حل لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جو مضبوط ڪردار امن جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۾ اثرائتو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو، والاريل ڪشمير ۾ قابض اختيارين ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي ظالماڻي طريقن سان دٻايو آهي، جيڪو نه عالمي قانون ۽ نه اخلاقي قدر موجب آهي، عالمي امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے