15 جمعرات , نومبر 2018

ملڪ جي بچاءَ لاءِ سڀ هڪ آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ملڪ جي بچاءَ لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون، اڄوڪو ڏينهن شهيدن سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بچاءَ ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيل مک تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته توهان سڀني کي ڏسي اسان جي حوصلي ۽ اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن پاڪ فوج لاءِ اهم ترين ڏينهن آهي، ان ڏينهن قوم مڪار دشمن جا ڏنڊ کٽا ڪري ڇڏيا هئا، اڄوڪي ڏينهن هر پاڪستاني وطن جو سپاهي بڻيو، اها جنگ اسان لاءِ مشعل راهه آهي. آرمي چيف چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي لهر اُٿي، بدقسمتي سان پاڪستان به ان دهشتگردي جو نشانو بڻيو، اسان تي دهشت ۽ خوف مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪمزور ۽ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سلام آهي پاڪستاني قوم ۽ محافظن کي، جيڪي ان ڏکئي وقت ۾ مضبوط بيٺل رهيا. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 70 هزار پاڪستاني شهيد ٿيا، لازوال قربانين کي ياد رکڻ لاءِ 2014ع کان بچاءَ سان گڏ شهيدن جو ڏينهن به ملهائيندا آهيون، شهيدن جي وساريندڙ قومون ڊَهي وينديون آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے