22 جمعرات , نومبر 2018

پاڪستان ڪنهن ٻئي جي جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به ڪنهن جي جنگ ۾ شرڪت نه ڪندو. جي ايڇ ڪيو ۾ وزيراعظم عمران خان آرمي چيف قمر جاويد باجوا سان گڏ شهيدن جي يادگار جي گلن جي چادر چاڙهي قُل پڙهيا، پوءِ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن ڪرڪيٽ نه کيڏان ها ته اڄ هڪ رٽائرڊ فوجي هجان ها. سندس چوڻ هو ته منهنجو قوم سان واعدو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به ڪنهن جي جنگ ۾ شرڪت نه ڪندو ۽ اسان جي پرڏيهي پاليسي به ملڪ جي بهتري لاءِ هوندي. عمران خان چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شرڪت جي خلاف هيس پر جهڙي ريت پاڪستان ڪاميابيون حاصل ڪيون، دنيا جي ڪنهن به فوج ان طريقي سان ڪاميابيون حاصل ناهن ڪيون. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ هن وقت هڪ ادارو آهي، جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي، فوج اهڙو ادارو آهي جتي ميرٽ جو نظام آهي، اسان کي پنهنجا ادارا مضبوط ڪرڻا آهن، ڇو ته سياسي مداخلت سان ادارا تباهه ٿي ويندا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اهڙو ملڪ آهي، جيڪو اسلام جي نالي تي قائم ٿيو پر اڄ قوم مسئلن ۾ ڦاٿل آهي ۽ ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي، هي ملڪ اڀرندو ۽ هڪ عظيم قوم بڻجندي، اهو تڏهن ٿيندو جڏهن هڪ پورهيت، هڪ سپاهي ۽ سڀ سمجهندا ته مان محنت ڪري رهيو آهيان پر منهنجو ٻار جڏهن سرڪاري اسڪول مان نڪرندو ته اهو ڊاڪٽر ۽ انجنيئر به بڻجي سگهي ٿو. عمران خان چيو ته سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪو مسئلو ناهي، اسان سڀني جو هڪ ئي گڏيل مقصد آهي ته گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃون، جڏهن ڪا قوم متحد ٿيندي آهي ته اعليٰ مقام حاصل ڪندي آهي، منهنجو جيئڻ مرڻ ملڪ لاءِ آهي، هي ملڪ اڳتي ويندو ته مان اڳتي ويندس ۽ هي ملڪ پوئتي ٿيندو ته مان به پوئتي ٿي ويندس. هن شهيدن کي خراج پيش ڪندي چيو ته الله سائين پيغمبرن کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ نعمتون ۽ درجا شهيدن کي ڏنا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اقتصادي رابطا ڪميٽي طورخم سرحد تان ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اقتصادي رابطا ڪميٽي طورخم سرحد تان ڪپهه درآمد ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے