20 منگل , نومبر 2018

نيوز |ميرپور بٺورو: واپڊا عملدارن پاران ڊفالٽرن خلاف  ڪارروائي

ميرپور بٺوري ۾ واپڊا عملدارن ڪارروائي ڪري 8 سئو کان وڌيڪ بجلي جا ڪنيڪشن ڪاٽي رهتون وصول ڪيون.

واپڊا ٺٽي جي ايڪسيئن اشوڪ ڪمار ۽ ايس ڊي او سجاول اظهر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ واپڊا عملدارن شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 8 سئو کان وڌيڪ بجلي جا غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي هڪ لک ستر هزار رپين تائين رهتون وصول ڪيون.

واپڊا عملدارن جو چوڻ هو ته غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي تارن کي ساڙيو ويو آهي، آپريشن دوران هڪ لک ستر هزار رپين تائين رهتون به وصول ڪيون ويون آهن.

هنن چيو ته چوري جي بجلي ڪنهن به صورت ۾ استعمال ڪرڻ نه ڏني ويندي، روزاني بنيادن تي ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽي آپريشن ڪيو ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي وڇڙئي 34 ورهيه وهامي ويا

انقلابي رومانس سان ڀرپور انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي مداحن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے