18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |ڏهرڪي: مصطفيٰ آباد جي رهواسڻ پاران پيءُ ۽ ڀائرن جي ظلم خلاف احتجاج

ڏهرڪي ۾ مصطفيٰ آباد جي رهواسڻ پيءُ ۽ ڀائرن جي ظلم خلاف پريس ڪلب پهتي.

مصطفي آباد جي رھواسڻ دانھيو ته سندس پيءُ نياز شيخ ۽ ڀائر اياز گل ۽ بخت علي شيخ طلاق لاءِ زور ڀري رهيا آهن.

هن چيو ته هوءَ پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سميت خوش آهي، پر سندس والد ۽ ڀائر طلاق لاءِ زور ڀري وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا، هنن 10 سال اڳ به کيس هڪ لک رپين عيوض وڪرو ڪيو هو.

سندس چوڻ هو ته سندس پيءُ ۽ ڀائر لالچي ماڻهو آهن، طلاق نه وٺڻ تي ڪاري ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس پيءُ ۽ ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪري کيس تحفظ ڏين..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: نوابشاهه: بين المذهب تنظيم پاران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ احتجاج

نوابشاھ مرڪزي امن ڪاميٽي براءِ بين المذهب هم آنگي پاران افغانين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے