13 منگل , نومبر 2018

نيوز |ڏوڪري: اسڪول ۾ بچاءَ ۽ شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو

ڏوڪري ڀرسان اسڪول ۾ تقريب ڪوٺائي 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي.

هائير سيڪنڊري ماڊل اسڪول ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ هيڊ ماستر رياض سمون، نامياري ليکڪ عيسيٰ ميمڻ ۽ شاگردن سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته ملڪي سلامتي لاءِ حياتيون قربان ڪندڙ فوجي جوانن کي سلام آهي، جيڪي ملڪ توڙي قوم جي بچاءَ لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهيا.

هنن چيو ته  اڄ به پاڪستاني قوم ۾ اهو ساڳيو ئي جوش ۽ جذبو موجود آهي جيڪو 6 سيپٽمبر 1965 ۾ هو.

تقريب ۾ شاگردن ملي نغما ۽ ٽيبلوز پيش ڪري شهيد فوجي جوانن کي ڀيٽا ڏني، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعام پڻ ڏنا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے