15 جمعرات , نومبر 2018

بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي

The Governor of Balochistan Mohammad Khan resigned from Achikzaiڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي. ميڊيا جي رپورٽن موجب بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي آهي ۽ صدر مملڪت وزيراعظم عمران خان جي صلاح تي سندس استعفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. نئين گورنر جي مقرري تائين بلوچستان اسمبلي جو اسپيڪر قدوس بزنجو قائم مقام گورنر هوندو. واضح رهي ته محمد خان اچڪزئي پشتون خواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جو ڀاءُ آهي ۽ کيس اڳوڻي حڪومتي دور ۾ بلوچستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے