18 اتوار , نومبر 2018

اين ايف سي ايوارڊ ۽ صوبن جي مالي حصن ۾ ڪٽوتي واري تجويز!

خادم رند

پاڪستان جي وفاقي حڪومت نئين قومي مالياتي ڪميشن (National Finance Commission) ايوارڊ جو اعلان ڪندي صوبن کان پنهنجي ميمبرن جا نالا طلب ڪيا آھن. اربع تي ناڻي جي وفاقي وزير اسد عمر ان سلسلي ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خطن وسيلي آگاھ ڪندي چيو آھي ته اھي پنهنجي ميمبرن جا نالا ڏين يا اڳواٽ ڏنل نالن ۾ ڪا ڦيرڦار ڪرڻي آھي ته ان کان پڻ آگاهي ڏني وڃي. نئين اين ايف سي ايوارڊ جي سلسلي ۾ خبرون اچي رهيون آھن ته پي ٽي آئي حڪومت ملڪ جي خراب معاشي حالتن ۽ سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي ارڙهين آئيني ترميم وسيلي صوبن جو طئي ڪيل مالياتي حصو ڏيڻ بدران 10 سال اڳ طئي ڪيل فارمولي مان به صوبن جي حصي مان ڪٽوتي ڪرڻ جا سانباھا ڪري رھي آھي.

آئين جي آرٽيڪل 160 تحت ھر پنجين سال نئون قومي مالياتي ايوارڊ ڏيڻ لازمي ھوندو آھي، جنهن ۾ مجموعي قومي آمدني مان وفاق ۽ صوبن جو مالياتي حصو مقرر ڪيو ويندو آھي. قومي مالياتي ڪميشن ۾ ھر صوبي جا 2 ميمبر ھوندا آھن، جن مان ھڪ ته صوبي جو ناڻي وارو وزير ۽ ٻيو ڪو صوبي پاران نامزد ڪيل معاشي ماھر ھوندو آھي.

پاڪستان ۾ مالي وسيلن جي ورھاست تي وفاق ۽  ننڍن صوبن وچ ۾ سدائين ڇڪتاڻ رھندي آئي آھي. سنڌ صوبي کي بلوچستان ۽ خيبر پختيونخوا جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھڻيون ۽ وزندار شڪايتون رھيون آھن. پاڪستان جي مجموعي قومي آمدني ۾ سنڌ جو حصو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو بيھي ٿو ۽ موٽ ۾ وري کيس رڳو 24 سيڪڙو حصو ملي ٿو. مالي ورڇ ۾ آباديءَ وارو اھڃاڻ جيئن ته بنيادي حيثيت رکي ٿو ان ڪري وڌيڪ آبادي واري صوبي پنجاب کي پنهنجي مجموعي اپت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مالي حصو ملندو رھيو آھي، ان ڪري اين ايف سي ايوارڊ ۾ سڀ کان گھڻي فائدي ۾ پنجاب صوبو رھيو آهي. انهن حقيقتن جي ڪري ئي سمجھو ويندو آھي ته وفاقي حڪومت ھر دؤر ۾ ملڪ جي وڏي ۽ طاقتور صوبي پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪندي رھي آھي، ان لاءِ ڀلي کيس ملڪي آئين ۾ مقرر ڪيل حدون به ڇو نه اورانگھڻيون پون.

پيپلزپارٽي جي 2008ع واري حڪومت تي ڀلي ڪو ڪيڏي به تنقيد ڪري پر ان حڪومت پاران آئين ۾ ڪرايل ارڙهين ترميم کي ان جا شديد مخالف به ساراھڻ کان نه رھي سگھيا آھن. پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ننڍن صوبن جي بھتريءَ ۽ تحفظ جي حوالي سان آئين ۾ ترميمون آڻي وڏي حد تائين صوبائي خودمختياريءَ طرف وک وڌائي وئي. 8 اپريل 2010ع تي قومي اسيمبلي مان پاس ڪرايل ھن آئيني ترميم وسيلي صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ ملندڙ مالياتي حصي کي 46 سيڪڙو مان وڌائي 57.5 سيڪڙو تائين مقرر ڪيو ويو، پر اڄ تائين مختلف سببن ۽ سازشن  ڪري صوبن کي ڄاڻايل حصو نه ملي سگھيو آھي.

پ پ حڪومت ارڙهين ترميم کان اڳ 2009ع ۾ ستون اين ايف سي ايوارڊ ڏنو ھو، جنهن ۾ صوبن جو مالياتي حصو 82 سيڪڙو آبادي ۽ 10 سيڪڙو غربت جي بنياد تحت مقرر ڪري ورهايو ويو، جنهن ۾ صوبن جو حصو 57 سيڪڙو ھو. ان حساب سان پنجاب کي 51.74، سنڌ کي 24.58، ڪي پي کي 14.62 ۽ بلوچستان کي 9.9 سيڪڙو حصو مليو. ان مان صاف ظاھر آھي ته پ پ حڪومت کي پنهنجن ڪوششن سان ڪرايل ارڙهين آئيني ترميم وسيلي نئون مالياتي ايوارڊ ڏيڻ جو موقعو نه ملي سگھيو.

پيپلزپارٽي کانپوءِ ايندڙ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ارڙهين ترميم وسيلي ڪيل ترميمن کي پاسي تي رکي 2009ع واري پراڻي فارمولي تحت نه رڳو وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ناڻي جي ورڇ ڪئي پر ماڳهين ڪميشن جو اجلاس سڏائي گلگت بلتستان کي فنڊ ڏين جي نالي ۾ صوبن جو حصو پتي گھٽائڻ جي تجويز پيش ڪئي.  پر صوبا سھمت نه ٿيا ۽ نتيجي ۾ نئون ايوارڊ نه ڏنو ويو.

هينئر وري تبديلي جي دعويدار پي ٽي آءِ سرڪار (ن) ليگ کان ٻه قدم اڳتي وڌندي مورڳو پراڻي فارمولي ھيٺ صوبن کي ملندڙ حصي مان به 8.2 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ واري تجويز تي سندرو ٻڌي بيٺل ٿي ڏسجي. ٻڌايو پيو وڃي ته هاڻوڪي حڪومت کي اھڙي نيڪ صلاح ناڻي واري اڳوڻي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ڏني ھئي.

وفاقي ناڻي واري وزير اسد عمر جي ڳالهين مان به اندازو ٿي رھيو آھي ته پي ٽي آئي سرڪار صوبن جو حصو پتي ڳڙڪائڻ جو ارادو رکي ٿي. ان ڪري ئي خطري کي اڳواٽ محسوس ڪندي پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران اھڙي امڪاني عمل کي صوبائي خودمختياري ۽ آئين تي حملو قرار ڏنو ويو آھي. وڏي وزير جو چوڻ آھي ته سنڌ مالي بحران جو شڪار آھي ۽ اڳ ۾ ئي وفاق پاران کيس پنهنجو پورو مالي حصو نه ملي رهيو آھي. پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کھڙي جو چوڻ آھي ته وفاقي حڪومت فوري طور تي چئني صوبن سان صلاح مصلحت ڪري نئون قومي مالياتي ايوارڊ جاري ڪري ۽ نئين ايوارڊ ۾ وفاق جو حصو 43 سيڪڙو مان گھٽائي صوبن جو حصو 63 سيڪڙو ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي جيئن ته ارڙهين آئيني ترميم جي خالق آھي ان ڪري ھن مٿان فرض ٿو بڻجي ته اھا آئيني ترميمن خلاف ھر عمل ۽ ھر سازش جو مقابلو ڪري ۽ ڪنهن مصلحت جو شڪار نه ٿئي.

پي ٽي آئي کي سوچڻ کپي ته صوبن جي مالي حصي ۾ ڪٽوتي سان خاص طور ننڍن صوبن ۾ ناراضگي وڌندي. صوبا جيئڻ ته ھن ملڪ جا خالق آھن تنهنڪري ملڪي ۽ قومي مفاد جھڙن پر اثر بيانن تحت کانئن وري وري قربانيون وٺڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته صوبا ھاڻي اھڙين قربانين مان ٿڪجي پيا آھن.

ملڪ جي تاريخ ننڍن صوبن سان لڳاتار ٿيندڙ بي واجبين سان ڀري پئي آھي. ھت اھڙيون ته عقل جون اڪابر ڌريون ويٺيون آھن جن وٽ مضبوط مرڪز جو تصور ئي اھو آھي ته صوبا ڪمزور ھجن. ارڙهين ترميم کانپوءِ اھڙين ڌرين  جو ننڊ ۽ آرام ڦٽي ويو ته ڪيئن به ڪري صوبن کي ڪنهن حد تائين مضبوط ڪندڙ ترميم کي ختم ڪرائجي. يقينن اهڙيون ڌريون هينئر به پنهنجي منصوبي لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آھن. اھڙين ڌرين جي ايجنڊا سان وفاق ۽ ملڪ ڪيترو مضبوط ٿيو آھي تنهن تي ڳالھائڻ جي ڪا ضرورت ناهي. عمران خان جي پي ٽي آءِ سرڪار کي اھڙين ڌرين کان پاسيرو رھڻ گھرجي ٻي صورت ۾ نئين پاڪستان جي تڪميل ھڪ خواب ئي رھندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے