15 جمعرات , نومبر 2018

آمريڪي وفد جو دورو، وري ڊو مور جي فرمائش

گل مورو

پاڪ -آمريڪا لاڳاپا جڏهن جوڙيا پئي ويا ته ان وقت خاص طور تي ترقي پسند ڌرين اعتراض واريو هو ته آمريڪا سان تعلقات رکڻ بجاءِ سوويت يونين سان لاڳاپا رکيا وڃن اهو ئي ملڪي حالتن لاءِ بهتر هوندو ۽ ملڪي عوام لاءِ به اهو ئي دڳ بهترين آهي پر ڏٺو وڃي ته ان راءِ کي ٿڏي ڪري ان وقت جي وزيراعظم پاڪستان لياقت علي خان سوويت يونين جي دوري جي دعوت ٿڏي ڪري آمريڪا روانو ٿي ويو ۽ آمريڪا سان لاڳاپا جوڙڻ ۾ دير ئي نه ڪئي وئي نه عوام جي راٰءِ جو خيال رکيو ويو نه وري هتان جي حالتن جو تدارڪ ڪيو ويو نه وري هتان جي پاڙيسري ملڪن سان ان متعلق ڪا صلاح ويچار ڪئي وئي. اها هٺ ڌرمي واري سوچ ئي هئي جنهن جي ڪري هن وقت تائين ان ڪوڙڪي مان اڄ ڏينهن تائين ملڪي رياست ناهي نڪري سگهي. ان کان پوءِ جيڪي به جمهوري توڙي غير جمهوري ڌريون ايوب خان کان وٺي يحيٰ خان تائين جنرل ضياءَ کان وٺي پرويز مشرف تائين اقتدار ۾ آيون انهن به هميشهه سوويت يونين چين سميت ترقي پسند ڌرين کي اهميت ڏيڻ بجاءِ آمريڪا سان پيچ پائڻ ۾ ڪا به هٻڪ ئي محسوس نه ڪئي هر ڪڌي عمل ۾ شامل رهڻ جي باوجود عوام کان سمورا مسئلا لڪايا ويا جنهن جو هن وقت نتيجو ڀوڳيو پيو وڃي جو 17 سالن تائين آمريڪي ڌرين جي لڏي سان گڏجي جيڪي انتهاپسند ڌرين جي پيداواري فيڪٽريون طالبان جي صورت ۾ جوڙيون ويون انهن ۾ گهڻي ڀاڱي سيڙپ ڪاري ڏٺو وڃي ته آمريڪي ۽ ان جي اتحادي سامراجي قوتن جي هئي ڇو ته انهن ۾ انهن جو مفاد هيو ته ڪهڙي به طريقي سان هن ايشيائي خطي اندر پنهنجي جمعداري واري حيثيت برقرار رکي سگهجي. حالانڪه ان وقت به ترقي پسند ڌرين جو موقف اهو هو ته عالمي سامراج آمريڪا ۽ ان جا اتحادي هتان جي سمورن پاڙيسري ملڪن کي پنهنجي غلامي ۾ آڻڻ لاءِ سوويت يونين کي ٽوڙڻ چاهين ٿا ته جيئن سندن اجارا داري برقرار رهي سگهي ۽ ان سڄي ڪڌي ڪم ۾ اهي طالبان ڌريون مذهب جي نالي ۾ جهاد جي نالي ۾ اسلام ۽ ڪفر جي جنگ جي نالي ۾ ڪردار ادا ڪنديون رهيون جنهن جو نتيجو اڳتي هلي اهو نڪتو جو سوويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ آمريڪا ۽ ان جا اتحادي نيٽو جي صورت ۾ پاڪ افغان بارڊر تي پنهنجو فورس آڻڻ ۾ ڪامياب بڻجي ويا ۽ وڏي ڳالهه ته سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ جيڪي طالبان ڌريون پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي رکي آمريڪي ۽ ان جي اتحادي ڌرين جي ڊالرن تي سوويت يونين خلاف جنگ ۾ ڀاڱي ڀائيوار هيون اهي ئي سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ ڄڻ ته سندن جاني دشمن بڻجي ويون جو مُلا عمر جي افغانستان ۾ جڙيل حڪومت کي هڪڙي ئي ڌڪ سان رياستي قوتن جي آشيرواد سان گڏجي ڪري ختم ڪرايو ويو ۽ ان کان پوءِ طالبان جي جاءِ تي جماعت الدعوده کان وٺي لشڪر جهنگوي، جندال ايتري قدر جو داعش جو دڪان به کُلي ويو ۽ هن وقت اهي ئي جهادي ڌريون جيڪي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي اک جو تارو بڻيل هيون ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ واري ڳالهه جيان هن وقت انهن ئي انتهاپسند ڌرين جي خاتمي لاءِ آمريڪا پنهنجا مطالبا پاڪستاني اختيارين اڳيان ڊو مور جي صورت ۾ رکي چڪو آهي.

پاڪستان جي دوري دوران آمريڪي پرڏيهي وزير جنرل جوزف ۽ مائيڪ پومپيو ان سان گڏ افغانستان ۾ مقرر خاص صلاحڪار ظلمي خليل زادا 17 رڪني وفد سان گڏ پهتو جن پاڪستان جي آرمي چيف جنرل باجوا، وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ٻين سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن، افغانستان ۾ امن بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪستان جي پرڏيهي وزير ان ملاقاتن بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪي وفد وچ ۾ 30 منٽن تائين ملاقات ٿي جنهن ۾ اتفاق ڪيو ويو ته هڪٻئي جي خدشن کي ٻڌو ويندو ۽ انهن جي خاتمي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون ۽ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ملندڙ 300 ملين ڊالر جيڪي روڪيا ويا هئا اهو پراڻو مسئلو آهي. واضح رهي ته آمريڪي وفد جنرل جوزف ۽ پومپيو پاڪستان جي دوري کان اڳي ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو چيو هو ته جيستائين پاڪ آمريڪا تعلقات سڌا نه ٿا ٿين اوستائين ڪا به امداد جاري نه ڪئي ويندي.

ڏٺو وڃي ته آمريڪا هن دوري کان اڳي پنهنجا مک مطالبا پاڪستاني اختيارين اڳيان پيش ڪري چڪو هو جن ۾ پهريون مک مطالبو اهو هو ته حقاني نيٽ ورڪ جو مڪمل طور تي خاتمو آندو وڃي، پاڪستان اندر دهشتگردي واريون نرسريون هاڻي بند ٿيڻ گهرجن. ان سان گڏ افغانستان اندر طالبان کي ڳالهين واري ميز تي آڻڻ لاءِ قطر واري ٽيبل تي پاڪستان کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ان کان علاوهه آمريڪي اختيارين جو پاڪستاني اختيارين مٿان اهو به هن وقت دٻاءَ آهي ته ڪهڙي به صورت ۾ چين سان جيڪا سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي يا وري چين سان جيڪي تعلقات سي پيڪ معاملي تحت جوڙيا پيا وڃن يا وري سوويت يونين ايران، ترڪي سان گڏجي ڪري هڪ بلاڪ جوڙڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي پئي وڃي اها ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي سو هن ڀيري آمريڪي اختيارين جي وفد جو مُک محور ۽ مطالبو به اهو ئي هو ته يا ته آمريڪا سان تعلقات بهتر ڪيا وڃن يا وري ان جو جواب ڏنو وڃي. پر ڏٺو وڃي ته آمريڪي وفد پاڪستاني اختيارين سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ فوري طور تي ڀارت روانو ٿي ويو جتي اهي ساڳيون ڳالهيون موجودهه صورتحال جي حوالي سان ورجايون ويون آهن جڏهن ته اوچتو حقاني نيٽ ورڪ جي باني جلال الدين حقاني جي ميڊيا ۾ موت جي خبر اچڻ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي چئي سگهجي ٿي يا جيڪڏهن واقعي به جلال الدين حقاني هن دوري کان هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو آهي ته ان متعلق به ميڊيا ۾ مختلف خبرون هلي رهيون آهن ته هڪ طرف اهو چيو پيو وڃي ته جلال الدين حقاني جو موت ٿي سگهي ٿو ته تحفي طور هجي.

جهڙي ريت پاڪ آمريڪا تعلقات محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ خراب ٿيا هئا ته ان وقت بلوچستان جي علائقي ۾ ايمل ڪانسي جو چچريل لاش آمريڪي اختيارين کي تحفي طور ڏنو ويو هو ۽ جڏهن پرويز مشرف جي دور دوران پاڪ آمريڪا تعلقات طالبانن  واري ئي مسئلي تان خراب ٿيا هئا ته آمريڪي وفد جي دوري کان اڳي ئي بلوچستان جي علائقي چاغي ۾ مُلا عمر جو لاش ڊرون حملي جي نتيجي ۾ کين تحفي طور ڏنو ويو هو ۽ هي جلال الدين حقاني وارو موت به تحفي طور چئي سگهجي ٿو ڇو ته افغان ميڊيا اها دعويٰ ڪئي آهي ته جلال الدين حقاني گڙدن جي فيل ٿيڻ جي ڪري 2007 ۾ لاڏاڻو ڪري چڪو هو ۽ هن وقت سندس موت واري خبر سراسر ڪوڙي آهي. اصل ۾ هن وقت پاڪ آمريڪا تعلقات ٻن رُخن ۾ هلي رهيا آهن، هڪ طرف آمريڪا ۽ ان جون اتحادي ڌريون اهو چاهين ٿيون ته ڪهڙي به صورت ۾ پاڪستان توڙي افغانستان ۽ هن ايشيائي خطي اندر اهي انتهاپسند ڌريون جن کي هنن پاڻ پالي وڏو ڪيو هو انهن جو خاتمو انتهائي اڻٽر بڻجي ويو آهي جڏهن ته ٻئي طرف چين ۽ سندن اتحادي به پنهنجا مفاد ماڻڻ لاءِ نئين بلاڪ جوڙڻ جي لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳائي رهيا آهن. هن وقت ايشيا جا معدني وسيلا ۽ ايشيا جا سامونڊي بندر انتهائي اهميت اختيار ڪري چڪا آهن انهن جي حاصلات لاءِ ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته ايندڙ جنگ جو محور ۽ مرڪز هي ايشيائي خطو بڻجي سگهي ٿو ۽ هي آمريڪي دورو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. هن دوري دوران پاڪ آمريڪا تعلقات بحال ٿي سگهيا يا نه ٿي سگهيا اها ته چند ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي پر ميڊيائي رپورٽن مطابق آمريڪي وفد پاڪستاني اختيارين اڳيان ڊو مور جي وري فرمائش ڪئي آهي ۽ پاڪستاني اختيارين اهو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پومپيو انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهو چيو آهي ته واشنگٽن جي مفادن لاءِ نه اڳي ڪڏهن جهڪيا آهيون نه هاڻي جهڪنداسين. جڏهن ته ميڊيا ۾ اهي به ڳالهيون رپورٽ ٿيون آهن ته آمريڪي وفد کي پاڪستاني دوري وقت ڪا به لفٽ نه ملي سندن استقبال به روايتي انداز ۾ نه ٿيو اهي ڪڙيون ۽ سچيون ڳالهيون پڌريون ٿيڻ ۾ يقينن چند گهڙيون ۽ چند پهر کپن ڏسجي ته آمريڪي وفد واري هن دوري جي مطالبن واري لسٽ تي پاڪستاني اختياريون سنجيدگي سان سوچين به ٿيون يا نه ڇو ته حالتون انتهائي هن وقت اندروني توڙي بيروني ڏکيون ليکيون پيون وڃن ۽ تبديلي پسند وزيراعظم عمران خان لاءِ به ٻين چئلنجن سان گڏ آمريڪا سان تعلقات برقرار رکڻ ۽ نه رکڻ به وڏو امتحان آهي. ڏسجي ته پاڪ آمريڪي تعلقات ڪهڙو رخ اختيار ڪن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا نيب پنهنجو جاچ طريقو تبديل ڪندي…؟

مصطفيٰ جمالي نئب ادارو ڇا ڪري رهيو آهي.؟سڀ ڪجهه درست طريقي سان ڪري رهيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے