21 بدھ , نومبر 2018

پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ”ڊيڊ لاڪ“ جي پڄاڻي..!؟

زاهد ميراڻي

گذريل ٻن هفتن کان پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ آمريڪا جي پرڏيهي سيڪريٽري مائڪ پومپيو ۽ وزير اعظم عمران خان وچ  ۾ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بعد جيڪو ”ڊيڊ لاڪ“ پيدا ٿيو هو، ان جو پس منظر ڪافي پراڻو آهي، افغان جنگ جي مسئلي تي آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي رهي آهي، پيدا ٿيل ڇڪتاڻ عارضي به هوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڊگهي ۽ شديد به ٿي ويندي آهي، جيڪا وري ڪِن نه ڪِن ڳالهين جي دور ۾ داخل ٿي ويندي آهي.

هاڻوڪي پيدا ٿيل ”ڊيڊ لاڪ“ بعد آمريڪا جي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ آمريڪي فوج جي جوائنٽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جوزف ڊنفرڊ سان گڏ پاڪستان اچڻو پيو، جنهن جو مقصد اهو ئي سمجهي سگهجي ٿو ته هُن پاڪستاني اختيارين کي ڪنهن حد تائين اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هوندي ۽ ان سلسلي جي هڪ ٻي پيش رفت اها پڻ ٿي هوندي ته هُن افغان جنگ جي سلسلي ۾ پيدا ٿيل دهشتگردن ۽ شدت پسند خلاف ڪاررواين لاءِ پاڪستان تي زور ڀريو هوندو .

پومپيو ۽ جنرل جوزف ڊنفرڊ سان جيڪا پاڪستاني اختيارين جي گڏجاڻي ٿي ان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوهه پڻ موجود هو .

گڏجاڻي بعد آمريڪا سرڪار پاران جيڪا سرڪاري سطح تي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي ان ۾ پاڪستان کي اهو واضع طور تي پيغام ڏنو ويو آهي ته آمريڪا پاڪستان کان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ  خطرو بڻجندڙ دهشت گردن ۽ شدت پسندن خلاف فيصلي ڪن ۽ مستقل بنيادن تي قدم کڻي.

ملاقات متعلق پاڪستان جي پرڏيهي وزير بعد ۾ صحافين سان جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي ان ۾ به هُن ڪيترين ئي ڳاليهن جو اظهار ڪيو جنهن ۾ هُن ملاقات بعد ميڊيا ۽ مختلف حلقن ۾ پيدا ٿيل ان تاثر کي غلط قرار ڏنو ته آمريڪي وفد سان ڳالهين ۾ ڪا “ گرما گرمي” به ٿي هُئي، سندس چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان کان “ ڊو مور” جو مطالبو به نه ڪيو آهي. هُن چيو ته ملاقات دوران پاڪستان جو رويو مثبت رهيو، پاڪستان پنهنجو حقيقت پسنداڻو موقف پيش ڪيو ۽ پاڪستان جو موقف بردباري، خودداري ۽ ذميداريءَ سان پيش ڪيو ويو.

آمريڪا ۽ پاڪستان جي وفدن وچ ۾ ملاقات دوران ڪنهن به ڇڪتاڻ يا گرما گرمي پيدا نه ٿيڻ متعلق شاهه محمدو قريشي صحافين سان هڪ کان وڌيڪ دفعا ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ جهڙوڪر صحافين کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهڙي قسم جي ڪا به ” ڳالهه“ نه ٿي آهي ۽ ڳاليهن دوران ” ٽف ٽائمنگ“ وارو تاثر به غلط آهي. هُن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي آمريڪا اچڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.

ميڊيا جي اطلاعن موجب ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي وفدن جي وچ ۾ ڳالهين جو هڪ وڏو حصو ”دهشت گردن” ۽ ”شدت پسندن“ خلاف ڪارروايون ڪرڻ تي مخصوص رهيو ۽ آمريڪي وفد جو اهو اسرار رهيو ته پاڪستان  ”دهشت گردن” ۽ “ شدت پسندن” خلاف جامع ۽ ڊگهي مدت واري ڪارروائي ڪري ته جيئن افغانستان ۾ امن قائم ٿي سگهي.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقاتن ۾ ماضيءَ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ، ماٺار يا ڊيڊ لاڪ رهيو آهي ان جو گهڻو تڻو سبب ٻنهي ملڪن جو هڪ ٻئي تي جهڙوڪر اعتماد جو گهٽ هجڻ آهي، اهو ئي سبب آهي جو پرڏيهي وزير شاهه محمدو قريشي کي صحافين سان ڳالهين دوران اهو چوڻو پيو ته آمريڪي اختارين جي ذهن تي اها ڳالهه واضع طور تي آندي وئي آهي ته هاڻي ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي خدشن کي ٻڌڻو پوندو ۽ انهن کي حل ڪرڻو پوندو  ۽ هاڻي ٻنهي ملڪن جا تعلقات فقط سچائيءَ جي بنياد تي اڳتي وڌي سگهندا.

آمريڪا ۽ پاڪستان جي وفدن جي ملاقات ٻن مرحلن ۾ ٿي پهرين مرحلي ۾ پرڏيهي دفتر ۾ ۽ ٻئي مرحلي ۾ وزير اعظم سيڪريٽريٽ ۾، ٻئي ملاقات ۾ وزير اعظم، آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس پي آر به شرڪت ڪئي، اڳ پرڏيهي وفدن سان سول ۽ ملٽري قيادتن جون الڳ الڳ ملاقاتون ٿينديون هيون پر هن دفعي پاڪستان جي ملٽري ۽ سول قيادت گڏجي آمريڪي وفد سان ملاقات ڪئي جيڪا ڳالهه پڻ پاڪستاني سياست ۾ هڪ سٺو سنوڻ ڪري سمجهيو پئي وڃي.

پاڪستان هن دفعي آمريڪي وفد آڏو ڪافي ڳالهيون کُلي نموني رکيون آهن، شاه محمود قريشيءَ جو چوڻ هو ته افغانستان جي معاملي ۾ پاڪستان پنهنجو ڪردار يقينن ادا ڪندو پر اسان جيڪڏهن ”پنهنجي اولهه واري سرحد تي توجهه ڏني ته اسان کي پنهنجي اوڀر واري سرحد تي سهولت گهرجي“.

صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشيءَ جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان، آمريڪا سان امداد متعلق نه ڳالهايو آهي ۽ اسان امداد متعلق ڳالهائڻ مناسب به نه ٿا سمجهون  ۽ پاڪستان نه ٿو چاهي ته اسان آمريڪا سان تعلقات رڳو ”ڏيڻ وٺڻ“ جي حد تائين قائم رکون، هاڻي اسان جي ڪوشش اها هوندي ته اسان پنهنجي ڪڻڪ پاڻ اپايون ۽ پنهنجي ماڻهن کي پنهنجن وسيلن مان عزت جي روٽي کارايون.

آمريڪا  ۽ پاڪستان متعلق ڳالهيون پاڪستان ۽ آمريڪي پڌرائين موجب، بهتر ۽ مثبت ٿيون آهن، جن متعلق ٻنهي حڪومتن سرڪاري طور تي پڌرايون پڻ جاري ڪيون آهن، پر انهيءَ ڏس ۾ آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري پومپيو هڪ ٽوئٽ پڻ ڪيو آهي جنهن هُن لکيو آهي ته، ” پاڪستان ۾ سندس ۽ جنرل جوڊنفور جون پاڪستاني سول ۽ فوجي اختيارين سان ٿيندڙ ڳالهين سبب ٻنهي ملڪن جي تعلقاتن ۾ بحالي ايندي، مائڪ پومپيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا جي دوري دوران اسان جي پهرين منزل پاڪستان هو جتي هڪ نئون حڪمران آيو آهي، جنهن سان ملاقات ڪري آمريڪا ۽ پاڪستان جي تعلقاتن کي نئين سر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين اهو ئي سبب آهي جو اسان پهريون پاڪستان سان ڳالهين جي چونڊ ڪئي.

آمريڪي وفد جو دورو جيتوڻيڪ هڪ راويتي دورو ئي آهي پر گذريل ڏينهن واري ڇڪتاڻ ۽ ڊيڊ لاڪ بعد فوري طور تي آمريڪي وفد جو پاڪستان اچڻ پنهنجي جاءِ تي اهميت کان خالي ناهي، ۽ عمران خان جي وزير اعظم ٿيڻ بعد آمريڪي وفد جو فوري پاڪستان جو دورو پڻ دوري جي اهميت جي هڪ ٻئي رخ کي وائکو ڪري ٿو، جڏهن ته آمريڪي وفد جي دورو جي اهميت انهيءَ ڪري به وڌي وڃي ٿي جو ان ۾ افغان جنگ جي معاملن کي آمريڪا ڳاليهن ذريعي حل ڪرڻ واري پاليسيءَ تي سختيءَ سان ڪاربند رهڻ جو اظهار ڪيو آهي، جنهن لاءِ جيتوڻيڪ اندازو اهو پيو ٿئي ته هاڻي عمران خان حڪومت کي افغان اختيارين ۽ طالبان  يا شدت پسند گروپن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ سڌو سنئون ڪردار ادا ڪرڻو پوندو  ته جيئن علائقي ۾ جٽادار امن قائم ٿئي.

تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ بعد جهڙوڪر حڪومت جي اها ڪوشش رهي آهي ته سمورا معاملا ڳالهين ذريعي ئي حل ڪيا وڃن ، جڏهن ته وزير اعظم عمران خان پڻ چوندو رهيو آهي ته علائقي ۾ امن جو قيام انتهائي اهم آهي ان لاءِ پاڪستان حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻارڙن جي عالمي ڏينهن تي وچن: سنڌڙيءَ جا سڀ ٻار پڙهن

سدا حيات جلباڻي ننڍڙا ٻار اکين جو ٺار ۽ هيئين جو هار ٿين ٿا. ٻارڙا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے