13 منگل , نومبر 2018

آمريڪا جو ”ڊو مور“ جو مطالبو ۽ ڪجهه گهُرجون

پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا وري ڪجهه اختلافن بعد ڳالهين ۽ سرچاءَ واري مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن. وزير اعظم عمران خان ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائڪ پومپيو، وچ ۾ اختلافن جون ڳالهيون ان وقت ميڊيا تي آيون جڏهن آمريڪا جي پرڏيهي سيڪريٽري، عمران خان کي وزير اعظم ٿيڻ تي مبارڪون ڏيڻ لاءِ فون ڪيو هو ۽ انهن ڳالهين دوران  هُن عمران خان کي پاڪستان ۾ موجود دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪرڻ تي به زور ڀريو هو، بعد ۾ وزير اعظم عمران خان انهيءَ ڳالهه کان بلڪل انڪار ڪيو هو، سندس چوڻ هو ته مائڪ پومپيو سان ”دهشتگرديءَ “ بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، ڳالهين جي اهڙي تڪرار بعد جهڙوڪر پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ “ ڊيڊ لاڪ” جهڙي صورتحال جنم ورتو.

اطلاعن موجب آمريڪا جو پرڏيهي سيڪريٽري مائڪ پومپيو پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ ان دوران پاڪستان جي وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي آهي جنهن متعلق سرڪاري طور تي پڌرائي جاري ٿي آهي، جنهن موجب عمران خان جو چوڻ هو ته منهنجي حڪومت جي اوليتن ۾ انساني ترقي ۽ غربت جي خاتمي سميت علائقائي امن جو جٽادار هجڻ بنيادي جُز آهن. وزيراعظم موجب پاڪ – آمريڪا لاڳاپا احترام ۽ اعتماد جي بنياد تي ئي سگهارو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته پاڙيسرين سميت خطي جي ملڪن سان امن تي ٻڌل لاڳاپا چاهيون ٿا.

آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو ۽ جنرل جوزف ڊنفرڊ سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا هڪ ٻئي جي خدشن کي ٻڌي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو سان 300 ملين ڊالرز واري امداد روڪڻ جي حوالي سان ڪا به ڳالهه نه ٿي آهي. هن چيو ته عمران خان ورهين کان چئي رهيو آهي ته افغان مسئلي جو ڪو به فوجي حل ناهي ان ڪري سياسي حل ڏانهن وڃڻو پوندو، تنهنڪري آمريڪا سان افغان مسئلي تي سياسي ڳالهيون ٿينديون ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ان جي اڳواڻي ڪندو. هن چيو ته اِها معنيٰ جوڳي ڳالهه آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ ڊگهي عرصي تائين رهڻ نٿو چاهي، شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته مون آمريڪي وفد کي سڌن لفظن ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻو آهي ته اِهي فقط سچائيءَ جي بنياد تي ئي اڳتي وڌي سگهندا. شاهه محمود قريشي چيو ته ان روشني ۾ فيصلو ڪيو آهي ته منهنجو پهريون دورو افغانستان جو هوندو، پاڙيسري ملڪ طور اسان هڪ ٻئي جو سهارو به آهيون ۽ ضرورت به آهيون ڇو ته اسان کي روايت، مذهب ۽  ثقافت جوڙي رکيو آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪي وفد جي آمد کي پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ نئين دور جو آغاز قرار ڏنو آهي.

دنيا هاڻي گلوبل وليج ٿي وئي آهي ۽ دنيا جون هاڻي ضرورتون به مٽجي ويون آهن، زندگيءَ جي هر شعبي کان وٺي حڪومتي سطحن ۽ بين الاقوامي لاڳاپن تائين هر تعلق، هر فڪر، هر سوچ ۽ هر عمل ۾ تبديلي اچي وئي آهي، دنيا جي معروضي حالتن ڪيئي شين کي يڪسر تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙين شين ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا سياسي تعلق ۽ ان سان گڏ امن جون تقاضائون پڻ شامل آهن. اڄ دنيا کي جنگ جي نه پر امن جي ضرورت آهي جو اڄوڪي دور ۾ دنيا تعمير ٿي رهي آهي.

افغانستان جي جنگ 1984ع کان وٺي 2018ع تائين پنهنجن ٻن بدترين دورن مان گذري آهي، جنهن دوران ڪڏهن جنگ ۾ تيزي، شدت ۽ ڪڏهن ماٺار ۽ ٿڌائي رهي آهي، پر جنگ موجود رهي آهي، سوال اهو نه آهي ته افغانستان ۾ جنگ جاري آهي….، سوال هي آهي افغانستان جي جنگ جو خاتمو ڇو؟ نه ٿو ٿئي، افغان جنگ جيڪا مسلسل 30 سالن تائين جاري رهي ٿي، جنهن ڪري لکين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن ۽ لکين ماڻهو پنهنجن گهرن کان در پدر ٿين ٿا، افغان جنگ جنهن سبب سڄو ملڪ  ۽ هڪ قوم انتهائي شديد نموني متاثر ٿئي ٿي، پر پوءِ به ان ملڪ ۾ جنگ جاري رهي ٿي، افغان جنگ ۾ نه فقط افغانستان هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ پاڻ تباهه ٿئي ٿو پر ان سان گڏ ان جو ويجهو پاڙي سري ملڪ پاڪستان پڻ انتهائي متاثر ٿئي ٿو.

افغان جنگ مبينه طور تي آمريڪا جي دفاع لاءِ جاري ڪيل هڪ جنگ آهي، ڇو جو آمريڪا کي اسلامي شدت پسندن مان هر وقت خطرو رهي ٿو ۽ افغانستان بقول آمريڪا جي اسلامي شدت پسندن جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ هاڻي به آهي. افغان جنگ ۾ آمريڪا جو دفاع پنهنجي جاءِ تي اسان کي آمريڪا پاران پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ لاءِ جنگ ڪرڻ تي ڪو به اعتراض يا تڪليف ناهي، اهو آمريڪا جو حق آهي ته آمريڪي اختياريون پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو دفاع ڪرڻ لاءِ هر اهو قدم کڻڻ جيڪو کين ملڪي مفادن ۾ بهتر لڳي ٿو، پر اسان کي اعتراض ان تي آهي ته آمريڪا جي جنگ ۾ پاڪستان کي نقصان ڇو پئي، امن جي قيام لاءِ پاڪستان آمريڪا سان جيترو سهڪار ڪيو آهي اهو سڄي دنيا جي آڏو آهي،سوال هي آهي ته آمريڪا پاران، “ افغان جنگ” ۾ هر دفعي پاڪستان کان “ ڊو مور” جو مطالبو ڪيتري قدر جائز آهي،

اسين سمجهون ٿا ته پاڪستان به ائين ئي هڪ خودمختيار ملڪ آهي جيئن آمريڪا آهي، دنيا جا ٻه خودمختيار ملڪ ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ برابريءَ جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪندا آهن، پاليسيون جوڙيندا آهن، ۽ انهن تي عمل پيرا ٿيندا آهن، پر افغان جنگ جي سلسلي ۾ جيتوڻيڪ پاڪستان پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو آهي پر تنهن هوندي به آمريڪا جو “ ڊومور” وارو مطالبو سياسي طور تي سمجهه کان ٻاهر ۽ ڪنهن حد تائين، پاڪستان جي خودمختياريءَ ۾ دخل اندازي آهي جيڪو ڪنهن به نموني مناسب ناهي، اسين سمجهون ٿا ته سموري صورتحال جي نزاڪت ۽ تقاضا اها آهي ته افغان جنگ جي مسئلي ۽ ان جي خاتمي لاءِ هاڻي آمريڪا پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ ان جنگ کي ڪنهن دائمي امن واري پاسي وٺي وڃي، اسين نه ٿا سمجهون ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪا رنڊڪ بڻبو.

تحريڪ انصاف جي قيادت ۾ قائم ٿيل حڪومت جي وزير اعظم عمران خان جو اهو بيان انتهائي ساراهڻ جهڙو آهي جنهن ۾ هُن واضع چيو آهي ته پاڪستان کي امن گهرجي ٿو، پنهنجي ملڪ اندر به ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ به ان لاءِ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ۽ تقاضا اها آهي ته ٻيا ملڪ به پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

جمعو 7 سيپٽمبر  2018ع، 26 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ جون حددخليون هٽائڻ ڪنهن به نقصان کانسواءِ قبول آهن

هڪ ڀيرو ٻيهر، ٽيهر يا ان کان به وڌيڪ ڀيرا ڪراچيءَ جي مُک علائقي صدر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے