14 بدھ , نومبر 2018

افغانستان ۾ طالبان جا حملا،  27 اهلڪار مارجي ويا

Taliban attacks in Afghanistan, 27 killedڪابل/بيجنگ(ويب ڊيسڪ) افغانستان  ۾ طالبان جي حملن ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 27 افغان اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته جوابي ڪاروائي ۾ 13 ويڙهاڪ پڻ ماريا ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب افغانستان جي ڏکڻ اولهه واري صوبي بادغيس ۾ طالبان جي حملي ۾ 11 افغان فوجي مارجي ويا. حملو افغان ضلعي اب ڪَماري ۾ ڪيو ويو، چڪرين ۾ 13 طالبان پڻ مارجي ويا، تخار صوبي ۾ پوليس چيف پوسٽ تي طالبان جي حملي ۾ 8 پوليس اهلڪار مارجي ويا، صوبائي ڪائونسل جي ميمبر روح الله روفي موجب طالبان هڪ پوليس آفيسر کي يرغمال بڻائي پاڻ سان گڏ پڻ کڻي ويا آهن. رپورٽن موجب افغانستان جي وڌيڪ هڪ علائقي ۾ افغان اهلڪارن فائرنگ ڪري پنهنجن 8 ساٿين کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ سندس لاشن کي  باهه ڏئي ڇڏي، قاتل اهلڪار ويندي سرڪاري هٿيار پڻ کڻي ويا، شڪ آهي اهلڪار طالبان سان مليل هئا.رپورٽن موجب افغان فوجي تربيت وٺڻ لاءِ چين ويندا، اهڙو اطلاع افغانستان جي چين ۾مقرر سفير جنان موسيٰ زئي ڏنو آهي. افغان سفير چيو آهي ته ٻئي ملڪ القاعدا ۽ داعش جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪندا، جنان موسيٰ زئي چين کي درخواست پڻ ڪئي آهي ته هو افغان فوج لاءِ جنگي هيلي ڪاپٽر پڻ مهيا ڪري، ان حوالي سان چيني اختيارين جو ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو. هن وڌيڪ چيو ته طبي انخلا جي ڪم لاءِ چين فوج ٻن پرن واري ٽرانسپورٽ جهاز فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، جڏهن انهن جهازن جو عملو اڳ ئي چين ۾ تربيت حاصل ڪري رهيو آهي. موسيٰ زئي چيو ته هيلي ڪاپٽر جي باري ۾ اسان جي درخواست تي چين جو جواب” مثبت“ هو. چين جي بچاءَ واري وزارت رابطو ڪرڻ تي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪرڻ جو فوري طور تي ڪو به جواب ناهي ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Six Palestinians martyred in clashes during Israel operation in Gaza

اسرائيلي فوج جي غزه تي بمباري،  وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد

غزا( ويب ڊيسڪ ) فلسطين جي علائقي غذا ۾ اسرائييلي بمباري ۾ وڌيڪ 3 فلسطيني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے