17 ہفتہ , نومبر 2018

احسان ماني پاران عهدو سنڀالڻ بعد نيشنل اڪيڊمي جو دورو، ،مختلف پروگرامن تي بريفنگ ورتي

After completing the efforts of Ehsan Manso, the National Academy visited the various programs, making successful successلاهور(ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل پي سي بي چيئرمين احسان ماني گذريل ڏينهن نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ جاري پروگرامن تي بريفنگ ورتي. احسان ماني اڪيڊمي جو دورو ڪندي اداري جي سهولتن ۽ سرگرمين جو جائزو ورتو، ان موقعي تي گورننگ بورڊ ۾ شامل وزيراعظم ۽ پيٽرن ان چيف عمران خان جي نامزد ڪيل ٻئي حڪومتي ميمبر ملڪ اسد علي خان ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر سبحان احمد پڻ ساڻس گڏ هو.  اين سي اي ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمين جي ڊائريڪٽر مدثر نذر ۽ سينيئر جنرل منيجر علي ضياءَ پريزينٽيشن ۾ پي سي بي چيئرمين کي اداري جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. سينيئر جنرل منيجر آپريشنز مشتاق احمد پڻ بريفنگ ڏني، آفيشلن اڪيڊمي ۾ هن وقت تائين مڪمل ٿيندڙ پروگرامن ۽ انهن جا نتيجن جي باري ۾ ٻڌايو، مستقبل جي  حڪمت عملي ۽ سرگرمين جا تفصيل پڻ بيان ڪيا ويا.  ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين احسان ماني اڪيڊمي جي ڪاڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي نئين ٽيلنٽ کي نروار ڪرڻ لاءِ واضح ڪيل پروگرامن تي پسندگي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته اڪيڊمين کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو، ڪرڪيٽرن جي فٽنس ۽ مهارت کي بهتر بڻائڻ لاءِ نه رڳو نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ضرورتون پوريون ڪيون وينديون پر ٻين شهرن ۾ اڪيڊميون ٺاهڻ لاءِ پڻ ڪوشش ورتي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan inaugurates first AstroTurf cricket stadium in Balochistan

پاڪستان جي پهرين آسٽروٽرف ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح

چمن ( اسپورٽس نيوز ) بلوچستان جي شهر چمن ۾ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے