21 بدھ , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن مولانا فضل الرحمان جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو

Continuous schedule for the seats of the provincial assembly of FATAاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ وارو مولانا فضل الرحمان جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو  آهي. اليڪشن ڪميشن  مولانا فضل الرحمان طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جي مطالبي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 2018ع جي عام عام چونڊن بابت بنا ڪنهن شاهدي جي چونڊن جي شفافيت خلاف بيان افسوس جوڳو ۽ حقيقت جي خلاف آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان چيو ويو آهي ته 2018ع جون چونڊون صاف ۽ شفاف توڙي اڻ ڌريون ٿيون ۽ عوام آزاد ماحول ۾ راءِ جو حق استعمال ڪيو آهي، ذاتي مفادن جي بنياد تي پاڪستاني عوام جي مئنڊيٽ جو بنا ڪنهن جواز جي احترام نه ڪرڻ جمهوريت جي بينادي اصول جي ڀڃڪڙي آهي، قومي ادارن تي الزام هڻي دٻاءَ ۾ آڻن جي روايت ختم ٿيڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن ڪنهن دٻاءَ کي قبول نه ڪندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ تڪرارن لاءِ اليڪشن ڪميشن چونڊ ٽربيونلز مقرر ڪيا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن اميدوار کي شڪايت آهي ته هو الزامن بدران قانوني طريقيڪا موجب پٽيشن داخل ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب بينڪن کان شهباز شريف جي اڪائونٽن جي تفصيل گهري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو بينڪن ۽ مالياتي ادارن کان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے