13 منگل , نومبر 2018

جاپان ۾ زلزلو: فوتگين جو انگ وڌي18 ٿي ويو، 300 کان وڌيڪ زخمي

Earthquakes in Japan: Futgins increased to 18, more than 300 injuriesٽوڪيو(ويب ڊيسڪ جاپان جي ٻيٽ هوڪائيڊو ۾ زلزلي سبب فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 18 ٿي ويو جڏهن 300 ڄڻا زخمي ۽ 30 گم آهن.پرڏيهي خابرو اداري موجب موسمي تبديلين جي شڪار جاپان جي اترائين ٻيٽ هوڪائيڊو ۾ 6 ڏهائي 7 جي سخت زلزلي تباهي مچائي ڇڏي آهي. زلزلي دوران مختلف واقعن ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 18 ٿي ويو آهي جڏهن ته 300 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. 30 شهري اڃان تائين گم آهن. جاپاني ميڊيا جي رپورٽن موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي گهرن ۽ عمارتن کي نقصان پهتو آهي، بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي . وڌ کان وڌ فوتگيون لينڊ سلائيڊنگ سبب ٿيون. امدادي ڪاروائيون جاري آهن. اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته جاپان 25 ورهين جي سڀ کان ڀوائتي طوفان کي منهن ڏئي رهيو آهي. ٻه ڏينهن ايندڙ تائيفون نالي طورفان ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 160 زخمي ٿي پيا هئا. ان کانسواءِ هلندڙ سال جوالائي ۾ موتمار هيٽ ويو بعد برساتن، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 200 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزا: اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۽ هوائي حملن ۾ 6 فلسطيني شهيد

غزا( ويب ڊيسڪ ) فلسطين ۾ قابض اسرائيلي فوج جي بناجواز فائرنگ ۽ هوائي حملن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے