16 جمعہ , نومبر 2018

اميتاڀ بچن اڳيان فلم جا ڊائيلاگ ئي وساري ويٺس: عامر خان

ممبئي(شوبز نيوز) مسٽرپرفيڪشنسٽ عامر خان اعتراف ڪيو آهي ته جڏهن هو پهريون ڀيرو فلم جي سيٽ تي اميتاڀ بچن سان مليس تڏهن پنهنجي اسڪرپٽ جون لائينو وساري ويٺو هو. هڪ  تقريب دوران عامر خان ميڊيا سان ڳالهائيندي اميتاڀ بچن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو بيان ڪندي چيو ته مان اميتاڀ بچن جو تمام وڏو  مداح آهيان، ساڻس گڏ ڪم ڪري ائين لڳي رهيو آهي ته جيئن منهنجو ڪو خواب پورو ٿي ويو هجي. عامر خان ۽ اميتاڀ بچن پهريون ڀيرو فلم” ٺگز آف هندوستان“ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، شوٽنگ جي پهرين ڏينهن کي ياد ڪندي عامر خان ٻڌايو ته جڏهن اسان پهريون ڀيرو گڏ ويهي پنهنجا ڊايئلاگ پڙهي رهيا هئاسين تڏهن مان تمام گهڻو نروس ٿي ويو هيس. سندس سامهون ويهي مان صحيح نموني ڪجهه ڳالهائي به نه پئي سگهيس. ايسيتائين جو مونکان پنهنجا ڊائيلاگ پڻ وسري ويا. واضح رهي ته ”ٺگ آف هندوستان“ ۾ امتياڀ بچن ۽ عامر خان کان سواءِ ڪترينا ڪيف ۽ فاطمه ثناءَ شيخ شامل آهن فلم هلندڙ سال 7 نومبر تي ريليز ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شبانا اعظمي ۽ جاويد اختر فيض امن ميلي ۾ شرڪت لاءِ لاهور پهچي ويا

لاهور (شوبز نيوز) مشهور ڀارتي فلم اسٽار شبانا اعظمي ۽ سندس مڙس جاويد اختر فيض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے