20 منگل , نومبر 2018

پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪري 20 هزار نوڪريون ڏيندس: شيخ رشيد

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته غازي بروٿا ڊيم مان پاڻي آڻي راولپنڊي ۾ پاڻي جو مسئلو هميشه لاءِ حل ڪري ڇڏيندس، 20 هزار نوڪريون ڏيندس، اسان کي پنهنجي سرحدي محافظ فوج تي فخر آهي. راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته  غريبن لاءِ ڪجهه وڏو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيئن ماڻهو مرڻ بعد به ياد رکن، عوامي مسئلن جي حل لاءِ رحمت آباد ۾ به آفيس قائم ڪندس. هن چيو ته  سمورين ريلوي اسٽيشنن ويجهو فوڊ اسٽريٽس ۽ ڪاروبار مرڪز قائم ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته  عمران خان جي 100 ڏينهن جي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس. شيخ رشيد چيو ته چيف جسٽس ڊيمن لاءِ فنڊ مهم جي شروعات ڪري وڏو ڪاروبار سرانجام ڏنو آهي، جلد عمران خان به اها مهم شروع ڪرڻ وارو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے