21 بدھ , نومبر 2018

عمران خان جي خير سگالي جي جذبي تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي: سڌو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪانگريس اڳواڻ نوجوت سنگهه سڌو چيو آهي ته عمران خان جي خير سگالي جي جذبي تي ڪنهن کي سوال نه اٿارڻ گهرجي. اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر  ۽ ڪانگريس اڳواڻ نوجوت سنگهه سڌو نارووال ۾ قائم ڪرتارپور صاحب جو رستو کولڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيندي چيو ته عمران خان جي خير سگالي جي جذبي تي ڪنهن کي سوال نه اٿارڻ گهرجي.  هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج کي درخواست آهي ته  پاڪستان هڪ وک وڌيو آهي ته  ڀارت به قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان بابت ڀارتي حڪومت جي پاليسي ۾ ڪڏهن مداخلت نه ڪئي آهي ۽ جڏهن ته مذهب جي معاملي تي سياست ڪرڻ ٺيڪ ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے