16 جمعہ , نومبر 2018

پارليامينٽ حملو ڪيس: وزيراعظم جي قانوني ٽيم کي بريت جي درخواست داخل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پي ٽي وي، پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ قانوني ٽيم کي بريت جي درخواست داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.تحريڪ انصاف جي قيادت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ بريت لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم  عمران خان قانوني ٽيم کي باقاعده طور هدايتون به جاري ڪري ڇڏيون آهن. تحريڪ انصاف جي قانوني ٽيم موجب 2014ع جي ڌرڻي دوران هنگامي ڪيس ۾ نامزد پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بريت جون درخواستون 11 سيپٽمبر تي داخل ڪيون وينديون. پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم جو چوڻ آهي ته ڌرڻي جا ڪيس سياسي بنيادن تي داخل ڪيا ويا تنهن ڪري عدالت کان بريت جي درخواست ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زلفي بخاري ڪيس: وڏن عهدن تي مقرري اهم فرض، دوستي تحت معاملا نه هلندا: سپريم ڪورٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وزير اعطم عمران خان جي ويجهي ساٿي ۽ خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے