16 اتوار , دسمبر 2018

نوجوان ناري پاران پيدائشي سرٽيفڪيٽ مان  والد جو نالو هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) 18 ورهين جي پاڪستاني ناري پنهنجي پيدائشي سرٽيفڪيٽ ۽ ٻين دستاويزن ۾ پنهنجي والد جو نالو هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ 18 ورهين جي ناري پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  پنهنجي درخواست ۾ ناري موقف اختيار ڪيو ته جڏهن والدين ٻارڙن کي بيدخل ڪري سگهن ٿا ته ٻار ائين ڇو نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته جنهن ڪڏهن ڏٺو ناهي ۽ نه وري سنڀال ڪئي ته اهو والد ڪئين ٿو ٿي سگهي. ناري عدالت کي درخواست ڪئي ته پيدائشي سرٽيفڪيٽ، سمورين ڊگرين ۽ دستاويزن مان والد جو نالو ختم ڪيو وڃي ڇو ته هوءَ اهڙي نالي کان الڳ ٿيڻ چاهي ٿي. ٻڌڻي بعد عدالت ناري جي والد جي تلاش لاءِ نادرا کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڇوڪري جي والد جو نالو هٽائڻ لاءِ ڪو حڪم جاري نه ٿي ڪري سگهي.  ان موقعي تي ڇوڪريءَ جي والد چيو ته والدين کي ٻارڙن کي عاق ڪرڻ جو اختيار هوندو آهي ته ٻار اهو اختيار ڇو نه ٿا ڪري سگهن ته هو پنهنجي والدين کان لاتعلق ٿي سگهن. چيف جسٽس ڇوڪري جي والد کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جي جمهوريت لاءِ جدوجهد وقت عمران خان سياسي طور پيدا به نه ٿيو هو: قمر زمان ڪائرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جنهن وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے