21 بدھ , نومبر 2018

پاڪستان دوست ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڀائيوار آهي: آمريڪا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي معاون بچاءَ واري وزير رينڊل شرائيور چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا جو دوست ۽ اهم ڀائيوار آهي، جنهن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.  واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي ۽ شهيدن جي ڏهاڙي بابت تقريب کي خطاب ڪندي رينڊل شرائيور چيو ته  دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي قدر جي نظر سان ڏسون ٿا. هن چيو ته پاڪ آمريڪا فوجي لاڳاپا هميشه بنيادي اهميت جوڳا رهيا آهن، پاڪستاني فوج سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. سندس چوڻ هو ته  پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ڊنفورڊ جو پاڪستان جو دورو بهتر رهيو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون آهن. رينڊل شرائيور چيو ته مائيڪ پومپيو جي پاڪستان جي دوري بعد لاڳاپن جي بحالي لاءِ پراميد آهيون. هن چيو ته مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے