18 اتوار , نومبر 2018

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي 52 گهوسٽ اسڪولن جو انڪشاف

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا 52 گهوسٽ اسڪول هئڻ جو انڪشاف آهي جنهن لاءِ تقريبن 5 ڪروڙ رپين جي بجيٽ به جاري ڪئي وئي آهي. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلندڙ هڪ ادارو آهي جيڪو غريب علائقن ۾ خانگي اسڪولن کي فنڊ ڏيندو آهي جتي سرڪاري اسڪول نه هوندا آهن. تازو ئي تحقيق جي نتيجي ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته صوبي ۾ فائونڊيشن تحت اهڙا 52 اسڪول آهن جيڪي فنڊ ته حاصل ڪندا آهن پر سندن ڪو به نالو ۽ نشان ناهي يا وري فنڊن کي درست نموني استعمال نه پيو ڪيو وڃي.  سمورا اسڪول اين جي اوز ۽ خانگي شعبي جي نگراني ۾ هلي رهيا هئا. دستاويزن موجب گهوسٽ اسڪول لاڙڪاڻي، حيدرآباد، دادو، ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ظاهر ڪيا ويا. انڪشاف کانپوءِ ايم ڊي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ناهيد دراني گهوسٽ اسڪول مالڪن کان بجيت واپس ڪرڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي کي خط لکيو ويو آهي.  خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته گهوسٽ اسڪولن جي نالي تي بجيٽ وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے