15 جمعرات , نومبر 2018

ايشيا ڪپ ۾ ڪنهن به ٽيم کي ڪمزور سمجهڻ جي غلطي نه ڪنداسين: شعيب ملڪ

We will not mislead any team in Asia Cup: Shuib Malikلاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر شعيب ملڪ چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ ڪنهن به ٽيم کي ڪمزور سمجهڻ جي غلطي نٿا ڪري سگهون، جڏهن ته ٽيم کي بهترين راند پيش ڪرڻي پوندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آل رائونڊڙ شعيب ملڪ چيو ته ڀارت خلاف ميچ ۾ اضافو دٻاءُ نه وٺڻ گهرجي، روايتي مخالفن وچ ۾ وڏي ميچ ضرور هوندي آهي، سڄي دنيا جا مداح وڏي دلچسپي سان پاڪ- ڀارت ميچ ڏسندا آهن پر منهنجو ساٿي رانديگرن کي مشورو آهي ته ان ميچ کي عام مقابلي جيان وٺن ۽ پنهنجي فطري راند جو مظاهرو ڪن. بهتر کيڏنداسين تڏهن ئي ڪاميابي حاصل ٿيندي. محمد حفيظ کي ايشيا ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ شعيب ملڪ چيو ته سليڪشن ڪميٽي تي ڳالهائڻ منهنجو ڪم ناهي، ڪڏهن سلڪيٽر بڻيس ته پوءِ ڳالهائندس.ان معاملي تي وڌيڪ نٿو ڳالهائي سگهان پر مان ڪڏهن به سندس وتان اهڙيون ڳالهيون ناهن ٻڌيون. منهنجو خيال آهي ته نيت صاف هئڻ گهرجي، ڪو به توهان کي عزت نٿو ڏئي، عزت ڏيڻ خدا جي هٿ ۾ آهي.شعيب ملڪ چيو ته هر رانديگر جا مسئلا هوندا آهن، ڪيريئر ۾ لاها چاڙها به ايندا آهن پر ميز تي ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته جيڪو رانديگر  قومي ٽيم ۾ جاءِ  نٿو ٺاهي سگهي ان لاءِ  هڪ پليٽ فارم موجود آهي هو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ڪاڪردگي ڏيکاري ٽيم ۾ واپسي جو رستو ٺاهي سگهي ٿو. شعيب ملڪ چيو ته ايشيا ڪپ ۾ ڪنهن ٽيم کي ڪمزور سمجهڻ جي غلطي نٿا ڪري سگهون، ٽيم کي پنهنجي بهترين راند ڏيکارڻي پوندي، هر رانديگر جو ٽيم ۾ هڪ رول هوندو آهي، پنهنجي ذميداري سان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس جڏهن ته اميد آهي ته ٽيم سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے