18 اتوار , نومبر 2018

سڄي دنيا جي وڏن سائيبر حملن ۾ اتر ڪوريا ملوث آهي: آمريڪا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا مشهور اليٽرانڪ ۽ فلمساز ڪمپني سوني پڪچرز تي 2014 ۾ سائيبر حملا ڪندڙ ۽ 2017 ۾ بنگلاديش جي مرڪزي بئنڪ کي هيڪ ڪندڙ هيڪر جو پتو لڳائي ورتو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي اداري دعويٰ ڪئي آهي ته 2014 ۾ سوني پڪچرز تي سائيبر حملو ڪري اهم معلومات حاصل ڪرڻ ۽ 2017 ۾ سڄي دنيا ۾ هڪ ئي وائرس”وانا ڪري“ جي ذريعي بنگلاديش جي مرڪزي بئنڪ سميت وڏي پيماني تي ڪمپيوٽر سسٽم هيڪ ٿيڻ وارن واقعن ۾ اتر ڪوريا ملوث آهي. آمريڪي انصاف واري کاتي طرفان جاري ڪيل پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته اتر ڪوريا جو شهري”پارڪ جن“ سڄي دنيا ۾ سائيبر حملن جو مرڪزي ڪردار رهيو آهي ۽ کيس اتر ڪوريا حڪومت جي حمايت حاصل آهي. هيڪر ”پارڪ جن“ جنهن ڪمپني لاءِ ڪم ڪندو آهي اها ڪمپني اتر ڪوريا جي ملٽري انٽيليجنس يونٽ”ليب 110“ سان سالهاڙيل آهي. آمريڪي انصاف واري کاتي سائيبر حملن ۾ ملوث اتر ڪوريا جي شهري پارڪ جن ۽ سندس ڪمپني سوشان جوائنٽ ايڊوانچر ايونٽ تي آمريڪا ۾ داخلي ۽ ڪاوربار تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.آمريڪا اتر ڪوريا جي هيڪر تي ڪمپيوٽر فراڊ ۽ وائر فراڊ ۾ سازشي ڪردار ادا ڪرڻ وارن قلمن تحت کيس ڏوهي قرار ڏنو آهي جنهن ۾ پهرين ذڪر ڪيل ڏوهه ۾ پنج سال ۽ آخري ذڪر ڪيل ڏوهه ۾ 20 ورهين تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي جڏهن ته آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي وچ ۾ قيدين جي ڏي وٺ جو معاهدو نه هئڻ سبب سزا تي عملدرآمد ٿيندي نظر نٿو اچي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے