13 منگل , نومبر 2018

نيوز: ڏهرڪي: بااثرن جو  راونتي جي اسپتال تي حملو،  چوڪيدار مٿان فائرنگ، زخمي

Daharki: Press conference against influential for victimizing family* ڏهرڪي  ويجهو بااثرن راونتي جي اسپتال تي حملو ڪري چوڪيدار عبدالمجيد چاچڙ مٿان فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو .

رائونتي ٿاڻي تي وزير احمد چاچڙ، خدا بخش چاچڙ، حاجن چاچڙ ۽ صدام چاچڙ مٿان ايف آئي آر نمبر68/2018 داخل ڪئي ئي آهي .

پوليس هڪ جوابدار خدا بخش چاچڙ کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪري ورتو آهي .

متاثر نوجوان عبدالمجيد چاچڙ پنهنجي ماءُ عظمت خاتون سان گڏجي ميڊيا کي ٻڌايو ته وزير احمد چاچڙ، حاجن چاچڙ، خدا بخش چاچڙ ۽ صدام چاچڙ کيس گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو .

هن الزام هنيو ته وزير احمد چاچڙ سندس  ڀيڻوي عبدالغفار چاچڙ کي ڪراچي ۾ قتل ڪري  ڀيڻ مجيدان چاچڙ کي اغوا ڪري شادي ڪئي آهي.

 هن وڌيڪ ٻڌايو ته بااثر وزير احمد چاچڙ منهنجي ڀيڻ مجيدان جي اڳوڻي مڙس مان ٽن ٻارڙن کي حوالي ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

هنن ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو ………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے