21 بدھ , نومبر 2018

 اي بي ڊي ويليئرز پي ايس ايل جو حصو بڻجي ويو

Became a part of the ABD Williams PSLڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جو اڳوڻو ڪپتان ۽ ڀلوڙ بيٽسمين اي بي ڊي ويليئرز پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو حصو بڻجي ويو ۽ ايونٽ جي چوٿين ايڊيشن ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو، سماجي رابطن واري ويب ٽوئيٽر تي پاڪستان سپر ليگ جي اڪائونٽ تان ڪيل ٽوئيٽ ۾ ان ڳالهه جو اعلان ڪيو ويو ته پي ايس ايل جي چوٿين سيزن ۾ ڏکڻ آفريڪي رانديگر پڻ شامل هوندا.ان حوالي سان ٽوئيٽ ۾ اي بي ڊي ويليئرز ويڊيو پيغام ۾ چيو ته پي ايس ايل دنيا جي وڏين ٽي 20 ايونٽن منجهان هڪ آهي. ۽ هي پاڪستانين لاءِ تفريح جو هڪ بهترين ذريعو آهي. سندس چوڻ هو ته ان کان اڳ پي ايس ايل جون ميچون ڏٺيون آهن پر 2019 ۾ مختلف هوندو ۽ مان پاڻ پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين سيزن جو حصو هوندس. ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني پڻ اي بي ڊي ويليئرز جي پي ايس ايل ۾ شرڪت کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته پي ايس ايل ۾ اي بي ڊيويليئرز جي شامل ٿيڻ تي فخر آهي ۽ ڏکڻ آفريڪي  رانديگرن جي اچڻ سان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان رانديگرن کي سکڻ جو موقعو ملندو. ياد رهي ته ان اڳ پاڪستان سپر ليگ جا ٽه ايڊيشن ٿي چڪا آهن جن ۾ ڏکڻ آفريڪي رانديگر اي بي ڊيويليئرز شامل شرڪت نه ڪئي هئي. 114 ٽيسٽ ميچن، 228 ون ڊي ۽ 78 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي نمائندگي جو اعزاز حاصل ڪندڙ ڊي ويليئرز هلندڙ سال مئي ۾ اچتو عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ: شروعاتي 10 بهترين بيٽسمينن ۾ هڪ به پاڪستاني شامل نه

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ رينڪنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے