16 جمعہ , نومبر 2018

شاهد ڪپور جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ هيڪ، اڻ وڻندڙ پوسٽون ۽ ٽوئيٽ

Shahid Kapoor's Social Media Accounts Hacks, Unique Posts and Toottsممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ادڪار شاهد ڪپور جا سوشل ميديا اڪائونٽ هيڪ ڪيا ويا جنهن بعد هيڪر سندس اڪائونٽن تان اڻ وڻندڙ پوسٽون ۽ ٽوئيٽ پڻ ڪيا. شاهد ڪپور هڪ عرصي کان سوشل ميڊيا تي ڪافي متحرڪ آهي ۽ هو ذاتي زندگي ۽ فلمي مصروفيتن کان مداحن کي آگاهه ڪندو رهندو آهي. مبينا هيڪرن جو تعلق ترڪي سان ٻڌايو پيو وڃي ۽ هنن شاهد ڪپور جي آفيشل ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ کي هيڪ ڪيو. بالي ووڊ اداڪار جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان پدماوت بابت رومن هندي ۾ هڪ پيغام شيئر ڪيو ويو جنهن ۾ لکيو ويو ته علائوالدين خلجي اهڙو انسان نه هو جهڙو کيس ڏيکاريو ويو . ياد رهي ته هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم”پدماوت“ ۾ دپيڪا پڊوڪون، شاهد ڪپور ۽ رنوير سنگهه مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو ۽ فلم ۾ علائو الدين خلجي جو منفي ڪردار ڏيکاريو ويو هو. هيڪرن شاهد ڪپور جي ئي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪترينا ڪيف جي تصوير پوسٽ ڪئي ۽ لکيو ته” آءِ لو يو ڪترينا ڪيف“ باليووڊ ادڪار جي اڪائونٽن کي هيڪ ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ بعد ئي ريڪور ڪيا ويا پر ان دوران هيڪرن 20 کان وڌيڪ ٽوئيٽس ڪري چڪا هئا.شاهد ڪپور پڻ ٽوئيٽ ۾ اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته سندس اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو هو ۽ تنهن ڪري گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سندس اڪائونٽ تان ڪيل ٽوئيٽ کي رڳو نظر انداز ڪيو وڃي. ياد رهي ته شاهد ڪپور جي گهر گذريل ڏينهن پٽ جي پيدائش ٿي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيڪڏهن احد ۽ مومنه ڪوڪو ڪورينا ڳائي سگهن ٿا ته جگر جلال ڇو نه؟

ڪراچي(شوبز نيوز)ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ گذريل مهيني احد رضا مير ۽ مومنا مستحسن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے