20 منگل , نومبر 2018

نيوز:بوزدار وڏا: باگڙي برادري  جي16 سالن  جي ناري سان مبينا طور ڏاڍائي جي ڪوشش

بوزدار وڏا ڀرسان باگڙي برادري  جي16 سالن جي  نوجوان ناري سان مبينا طور ڏاڍائي جي ڪوشش خلاف احتجاج ڪيو ويو .

ناري سان  2 جوابدرن  پاران ميبنا  ڏاڍائي جي ڪوشش خلاف منگهن داس، ويرو مل، صاحبه ميران ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ساگر  مل ۽  غنون ڀيل  ناري سان  ڏاڍائي  جي ڪوشش ڪري رهيا ھئا ته  ناري جي رڙين تي ڀرپاسي جا ماڻھو پهچي ويا.

 ڳوٺاڻن جي پهچڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا هنن ٻڌايو ته ٻن جوابدارن خلاف  بوزدار وڏا ٿاڻي  تي ڪيس به داخل ڪرايو ويو آهي.

هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آھي  ته  ناري سان ڏاڍائي جي ڪوشش  ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے