15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز:حيدرآباد: شاگردياڻي  فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ شهيد بينظير يونيورسٽي نوابشاهه ۾ شاگردياڻي  فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ وسايو جمالي ۽ ڳوٺ پهاڙ جمالي جي  رهواسين عرفان جمالي، فراز جمالي، امتياز جمالي، عمير خواجه ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شهيد بينظير آباد يونيورسٽي جي استاد عامر خٽڪ پاران فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ واري عمل جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هنن چيو ته يونيورسٽين ۾ هاڻي نياڻين لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ٿي وئي آهي ڇاڪاڻ تي عامر خٽڪ جهڙا  استاد شاگردياڻين کي حراسان ڪري هنن جي تعليم تباهه ڪري رهيا آهن.

هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي فرزانه جمالي سان انصاف ڪيو وڃي…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے