18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |مٺي: ٿر  ۾ ڏڪاري حالتون سنگين ، خوراڪ جي کوٽ سبب  چار ٻارڙا فوت

Mithi,مٺي سميت ٿر  جي سمورن علائقن ۾ ڏڪاري حالتون سنگين ٿي ويون،وڌيڪ چار ٻارڙا فوت ٿي ويا.

سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ ۽ سهولتن جي کوٽ سبب وڌيڪ چار ٻارڙا فوت ٿي ويا،هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 13 ٿي ويو.

فوت ٿي ويل ٻارڙن ۾ ويهه مهينن جو سبحان،چار مهينن جو نثار، ٻه ڏينهن جو شاهجان ۽ سليمان جي تازي ڄاول ٻارڙي شامل آهن.

ضلعي جي ستن ئي تعلقن مٺي،اسلام ڪوٽ،ڏيپلو،ڇاڇرو،ڏاهلي،ننگرپارڪر ڪلوئي جي 26 سئو ڳوٺن ۾ حالتون  انتهائي خطرناڪ ٿي ويون آهن،جنهن سبب لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو  آهي.

ڏڪار واري صورتحال باوجود سنڌ حڪومت اعلانيل امدادي ڪاروايون شروع ناهن ڪيون،جنهن سبب لکين ماروئڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي، سوين کوھ سڪي ويا آهن ۽ جر جو پاڻي  کارو ٿي ويو آهي.

ٿر واسين چوپائي مال جو چارو ۽ رليف واري ڪڻڪ ترت ورهائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : نوابشاهه: گم ٿي ويل نوجوان عماز ڀٽي،سهيل جمالي،جاويد عمراڻي،سنديپ ڪمار بازياب

نوابشاهه مان پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان عماز ڀٽي،سهيل جمالي،جاويد عمراڻي،سنديپ ڪمار هالا باءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے