21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |شهدادڪوٽ : شهرين ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن جو وڌندڙ گندگي خلاف ڌرڻو

شهدادڪوٽ ۾شهرين ايس ٽي پي ڪارڪنن وڌندڙ گندگي ۽ ميونسپل ڪاميٽي ۾مبينا ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ۽ شھرين شھر ۾ وڌندڙ گندگي ۽ ميونسپل ڪاميٽي ۾ ٿيل مبينا ڪرپشن خلاف پريس ڪلب کان  ريلي ڪڍي شھر جي مختلف مرڪزي رستن جو گشت ڪري ميونسپل آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو.

ڌرڻي دوران ميونسپل ڪاميٽي جو وائيس چيئرمين پرويز احمد شيخ، چيف ميونسپل آفيسر اسرار مگسي، ڪائونسلر ساجد سيلرو، يونين اڳواڻ وحيد تنيو، سيد جميل شاھه ۽ ٻين ڌرڻي واري هنڌ پهچي ايس ٽي پي اڳواڻن، حيات تنيو، شبير مگسي، زاهد مگسي، امداد سومرو، عمران خشڪ ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪيون.

ان موقعي تي  پارٽي اڳواڻن ميونسپل جي آيل وفد آڏو 10 نڪاتي ايجنڊا رکي، جيڪا وفد قبول ڪندي مطالبا حل ڪرڻ جو واعدو ڪيو.

ان موقعي تي حيات تنيو، شبير مگسي، زاهد مگسي، امداد سومرو، غوث بخش مگسي، غلام علي مگسي، مقبول کوسي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ٽي پي پاران شروع ڪيل  10 نڪاتي مرحليور تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ميونسپل انتظاميا ڌرڻي ۾ پهچي سمورا مطالبا قبول ڪيا آھن ۽ مطالبن تي عمل ڪرڻ لاءِ وقت جي مهلت گهري آهي.

هنن چيو ته انتظاميا کي محرم الحرام جو هڪ مهينو مهلت ڏيڻ جو اعلان ڪن ٿا، جيڪڏھن ميونسپل انتظاميا هڪ مهيني اندر مسئلا حل نه ڪيا  ته ٻيهر سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ميرپورخاص: عيد ميلادالنبي نھايت ئي عقيدت احترام سان ملهائي پئي وڃي

*ميرپورخاص  ۾  عيدميلاد نبي نھايت ھي عقيدت احترام سان ملهايو پيو وڃي . عيدميلاد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے