14 بدھ , نومبر 2018

شڪارپور ۾ مخالف گروپ جي ايمبولينس تي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

شڪارپور(ويب ڊيسڪ) مخالف گروپ جي زخمين کي کڻي ويندڙ ايمبولينس تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 عورتون زخمي ٿي پيون. شڪارپور ۾ 2 گروپن ۾ تڪرار ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. زخمي شخص کي ايمبولينس ۾ طبي امداد جي لاءِ روانو ڪيو پئي ويو ته مخالف گروپ جي هٿياربندن ايمبولينس تي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون جڏهن ته پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب واقعو جکراڻي قبيلي جي 2 گروپن ۾ پراڻي دشمني جو نتيجو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايمبولينس تي فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ۽ واقعي ۾ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ڪوهيڙوڇانيل، مٿانهن علائقن ۾ برسات ۽ برفباري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ڪوهيڙو ڇانيل آهي جنهن سبب ٿڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے