20 منگل , نومبر 2018

نيوز |نوابشاهه: فرزانا جمالي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جسقم، ايس ٽي پي ۽ ايس يو پي جو احتجاج

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانا جمالي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ نوابشاهه ۾ جسقم، ايس ٽي پي ۽ ايس يو پي ڪارڪنن بک هڙتال ڪئي.

نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان جسقم ۽ ايس يو پي ڪارڪنن مجيب ماڇي، فلق شير اوڏ، علي رضا خاصخيلي ۽ منير ابڙي جي اڳواڻي ۾بک هڙتال ڪئي.

هوڏانهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي بک هڙتالي ڪئمپ جي اڳواڻي ضلعي صدر نثار ڪيريو، رفيق ملاح ۽ ٻين ڪئي.

احتجاج تي ويٺل ڪارڪن يونيورسٽي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا، هنن مطالبو ڪيو ته متاثر نياڻي کي انصاف ڏياريو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے