17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز | سکر: صالح پٽ واسي پورهيت جو پوليس جي وائرليس آپريٽر خلاف ٻارڙن سميت احتجاج

سکر ۾صالح پٽ واسي پورهيت پوليس جي وائرليس آپريٽر خلاف ٻارڙن سميت احتجاج ڪيو، سندس چوڻ آهي ته وائرليس آپريٽر کائنس نوڪري وٺي ڏيڻ بهاني 4 لک رپيا ورتا جيڪي واپس نٿو ڪري.

صالح پٽ جي رھواسي حافظ عبدالغفار پنھنجي ٻارڙن سميت پريس ڪلب آڏو پوليس جي وائرليس آپريٽر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي حافظ عبدالغفار چيو ته اي آئي جي آفيس  ڪراچي جي پوليس وائرليس آپريٽر کائنس نوڪري وٺي ڏيڻ بهاني چار لک وٺي ڦٻائي ويو آھي جيڪي واپس نٿو ڪري.

هن چيو ته سال گذري چڪا آھن پر نه کيس نوڪري ملي نه ئي سندس پئسا واپس ڪيا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته هو بيروزگاري سبب پريشان آھي کيس پئسا واپس ڪرائي پريشانين کان بچايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے