18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |بوزدار وڏا: ڳوٺاڻن  پاران  بااثر  ۽ پوليس  جي ڏاڍاين خلاف  احتجاج

بوزدار وڏا ۾ ڳوٺاڻن  پاران  بااثر شخص ۽ بوزدار پوليس خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ مٽ جي رهواسي منورعلي ۽ سندس معصوم پٽ ماجد پاران بااثر شخص ۽ بوزداروڏاپوليس خلاف پريس ڪلب  آڏو احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي منور علي خاصخيلي ميڊياسان ڳالهائيندي چيو ته بااثر شخص جي چوڻ تي بوزدار وڏا پوليس بنا ڪنهن جواز جي هن جي گهر تي چڙھائي ڪري کيس گرفتار ڪري سرعام مارڪٽ ۽ سخت تشدد ڪيو

هن چيو ته بااثر شخص سان هن جو ڏيتي ليتي تان مسئلو هلندڙ آھي،  بوزداروڏا پوليس بااثر شخص جي ونگار وهندي هن  مسڪين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيوآھي

منور  علي  چيو ته بااثر شخص هن جي  زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو  ۽ کين   ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي.

هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته بوزدار وڏا پوليس  ۽ بااثر خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے