20 منگل , نومبر 2018

نيوز |مورو: اخباري ھاڪر يونين جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

 موري ۾ اخباري ھاڪر يونين جي سڏ تي 40 سيڪڙو ڪميشن نه ڏيڻ خلاف ٻئي ڏينھن به احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ھاڪر يونين اڳواڻ جي صدر جلال سولنگي۔غلام مصطفي ٰ دونگھ ۔اصغر سولنگي۔علي نواز سنڌي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو.

هاڪرن  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سڄي سنڌ ۾ اخبار جي چاليھ پرسنٽ ڏني وڃي ٿي پر موري ۾  ناانصافي ڪئي پئي وڃي.

ھنن چيو ته  اخبارون کپائيندي پوڙھا ٿي ويا آھيون پر مھانگائي جي ڪري گذر سفر ڏکيو ٿي ويو آھي، جنهن ڪري  ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن

هنن چيو ته اخبار مالڪ  مزدورن جو حق ڦٻائي وڃي ٿو،  جيڪا سراسر ناحق آھي

هنن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪميشن چاليھه  سيڪڙو ملي ٿي پر موري جي ايجنسي جو مالڪ پنجويھه پرسنٽ ڏئي سندن حق ڦٻائي وڃي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي: بجلي چورن سندن خلاف اتحاد ٺاهيو آھي: حيسڪو

حيسڪو چيف رحيم علي اوٺي چيو آھي ته بجلي چورن سندن خلاف اتحاد ٺاهيو آھي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے