18 اتوار , نومبر 2018

ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 10 ڪروڙ 60 لک 239 ٿي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 10 ڪروڙ 60 لک 239 ٿي ويو. اليڪشن ڪميشن تازن ووٽرن جي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب مرد ووٽرن جو انگ 5 ڪروڙ 92 لک 43 هزار 889 جڏهن ته عورت ووٽرن جو انگ 4 ڪروڙ 67 لک 56 هزار 350 ٿي ويو آهي. پنجاب جي ووٽرن جو انگ 6 ڪروڙ 6 لک 97 هزار ۽ سنڌ جي ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 23 لک 94 هزار آهي. ڊيٽا موجب خيبرپختونخواهه جي ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 78 لک 39 هزار، بلوچستان جي ووٽرن جو انگ 43 لک جڏهن ته اسلام آباد جي ووٽرن جو انگ 7 لک 66 هزار آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن پنجاب مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي شيڊول جاري ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ جي خالي سيٽ تي پولنگ 3 آڪٽوبر تي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے