18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |سنڌ ايجوڪيشن فائونڊِيشن جي 52 گهوسٽ اسڪولن جو انڪشاف

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊِيشن جي 52 گهوسٽ اسڪولن جو انڪشاف ٿيو آهي . ايم ڊي پاران اينٽي ڪرپشن کي لکيل خط  ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته گهوسٽ اسڪولن لاءِ پوڻا 5 ڪروڙ رپين جي بجيٽ به جاري ڪئي وئي.

دستاويز موجب سڀئي اسڪول اين جي اوز ۽ خانگي شعبي جي نگراني ۾ هلي رهيا هئا .

گهوسٽ اسڪول لاڙڪاڻي، حيدرآباد، دادو، ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ مير پور خاص ۾ ظاهر ڪيا ويا. اداري جي ايم ڊي پاران اهڙن گهوسٽ اسڪولن جي مالڪن کان بجيٽ واپس ڪرائڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي کي خط لکيو ويو .

خط ۾ چيو ويو ته اهڙن گهوسٽ اسڪولن جي نالي تي بجيٽ وٺندڙ مالڪن خلاف ڪارراوئي ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ٺٽو:پوليس جي ڪارروائي، قتل ڪيس ۾ شامل جوابدار گرفتار

ٺٽو پوليس گھوڙاٻاري  وٽ ڪاروائي ڪندي  10 سالن جي ٻارڙي علي حسن شيخ کي بازياب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے