16 جمعہ , نومبر 2018

عاطف ميان اقتصادي مشاورتي ڪونسل تان مستعفيٰ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان اقتصادي مشاورتي ڪونسل ۾ اقتصاديات جي ماهر عاطف ميان جي نامزدگي واپس وٺڻ جي لاءِ فيصلي بعد عاطف ميان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته حڪومت عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪونسل مان نامزدگي واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ حڪومت عالمن ۽ سمورن معاشرتي طبقن کي گڏ کڻي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن هڪ نامزدگي مان مختلف تاثر پيدا ٿيندا آهن اُهي مناسب ناهن. سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مديني جي رياست عمران خان جي آئيڊيل آهي، وزير اعظم ۽ سندس ڪابينا جا ميمبر رسول صه جا عاشق آهن، ختم نبوت اسان جي ايمان جو حصو آهي ۽ تازو ئي گستاخ خاڪن جي معاملي تي حڪومت جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي اُها به انهي نسبت جو اظهار آهي. بعد ۾ تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد خان به عاطف ميان بابت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪيو ۽ چيو ته عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪونسل تان مستعفيٰ ٿيڻ جو چيو ويو جنهن تي هو راضي ٿي ويو. سينيٽر فيصل جاويد وڌيڪ چيو ته عاطف ميان جي متبادل جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے