21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |خيرپور: لقمان لعل مندر ۾ امرلعل سائين جي چاليهي جو ميلو ٿي گذريو

خيرپور جي لقمان لعل مندر۾ جهولي امرلعل سائين جي چاليهي جو ميلو منعقد ڪيو ويو.

لقمان لعل مندر ۾ هر سال جيان جهولي امر لعل سائين جي چاليهي جو ميلو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو.

ميلي ۾ نون ڏينهن وارو گروگرنٿ جي پاٺ صاحب جو آرنڀ ٿيو، جنهن  دوران ميلي ۾ ڀڳت لکمي چند جهولي امر لعل سائين جا شبد ڳائي پريمين کي جهومائي ڇڏيو.

ڪراچي کان آيل هندن جي روحاني ماتا مول واري پڻ پريمين کي درشن ڪرايو.

ميلي ۾ مرد ۽ عورتون پريالوءِ پيرڳوٺ سکر گمبٽ ٺيڙهي ۽ ٻين شهرن کان  پريمين ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ  آيل هئا.

ميلي ۾ پاڻي واري سبيل ۽ کائڻ پيئڻ جا مفت ۾ بندوبست ڪيا ويا هئا، جڏهن ته  شام جو دير سان جهولي امر لعل سائين جي چاليهي جو سوين پريمين لعل مندر مان بهراڻو صاحب ڪنڙيون ۽ جوتيون ڪڍي ڪري پريمي ڏوڪلا هڻي رقص ڪندا رهيا.

درياھ شاهه بادشاهه تي پهچي ڪري بهراڻو صاحب ڪنڙيون ۽ جوتيون پروان ڪري اکو پائي سنڌ جي سلامتي لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے