19 پیر , نومبر 2018

نيوز |ميرپور ماٿيلو: جوڙي پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي گهر

ميرپورماٿيلي جي ولي محمد ڪوارائي جي رهواسي نريش ڪمار پنهنجي ئي برادري جي ناري آرتي سان  پرڻو ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته مائٽ کين قتل ڪرڻ چاهين ٿا.

نريش ڪمار ميرپورماٿيلي ۾  ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته سندس گهرواري جا مائٽ  سندن   جان جا دشمن بڻجي ويا آهن،

هن الزام مڙهيو ته هن جي گهراوري آرتي جا ماما بالم، لالچند، مالوٽ  دليپ ڪمار، ۽ رشتيدار پوليس اهلڪار مهندر ڪمار  ڪوڙن ڪيس  ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته گهرواري جي  مامن بالم، لالچند، ۽ مالوٽ دليپ ۽ پوليس اهلڪار مهندر ڪمار هن جي گهر تي حملو ڪري ڏنو، جنهن بعد ميرپور ماٿيلو پوليس ونگار وهندي هن ۽ ان جي والد  نانگو رام کي گرفتار ڪري ورتو ، جڏهن ته پوليس انهن کي ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪيو

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے