17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پاران سف جي اسڪولن جي جاچ ڪرڻ جو حڪم

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊِيشن جي 52 گهوسٽ اسڪولن جو انڪشاف کانپوءِ  اينٽي ڪرپشن کاتو به حرڪت  ۾ اچي ويو ، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .

ايم ڊي پاران اينٽي ڪرپشن کي لکيل خط کانپوءِ  اينٽي ڪرپشن جي صلاحڪار  مرتضيٰ وهاب  پوڻا پنج ڪروڙ رپين جي فنڊن جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي .

دستاويز موجب سڀئي اسڪول اين جي اوز ۽ خانگي شعبي جي نگراني ۾ هلي رهيا هئا ، جن قانوني ۽ معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪندي  پنج ڪروڙ رپيا هڙپ ڪيا آهن، جيڪي واپسي لاءِ اينٽي ڪرپشن کي خط لکيو ويو .

خط موجب  لاڙڪاڻي، حيدرآباد، دادو، ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ مير پور خاص ۾ ڀڃڪڙي ڪندڙ اسڪول مالڪن  خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي .

ٻئي طرف سيف طرفان  تڙ تڪڙ ۾ وري جاري ڪيل  پريس  رليز ۾ تاريخ 7 سيپٽمبر بدران 7 نومبر لکي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سيف خط ۾ گهوسٽ اسڪول جو ناهي لکيو پر اسڪول مالڪن پاران قانون ۽ معاهدن جي ڀڃڪڙي جو لکيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے