13 منگل , نومبر 2018

رپورٽ |ٽنڊو آدم : ڀلوڙ راڳي مصري فقير جي 34 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

چوندا آهن ته موسيقي روح جي غذا آهي ۽ سنڌ کي سنگيت پريمين جي ڌرتي به ڪوٺيو وڃي ٿو، جنهن ڪيترائي وڏا فنڪار پيدا ڪيا آهن.

سنڌ جي هڪ اهڙي ئي ڀلوڙ فنڪار، نامياري راڳي مصري فقير جي اڄ 34 هين ورسي ملهائي پئي وڃي.

مصري فقير ڀلوڙ راڳي  هجڻ سان گڏوگڏ بهترين شاعر، سماج سڌارڪ  ۽ تعليم دوست انسان پڻ هو.

مصري فقير 1929 ع ۾سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ بقاءَ پور ڀرسان ڪنب ليمان ۾فقير الله ڏني مڱڻهار جي گهر ۾ جنم ورتو.

مصري فقير ننڍپڻ ۾اسڪول جي تقريبن ۾نغما، نعتون ۽ ترانا پوري چاهه سان پنهنجي سريلي  ۽ من موهيندڙ آواز سان ڳائيندو هو ۽ سندس ڳائڻ سان ڏينهون ڏينهن دلچسپي وڌندي وئي.

مصري فقير راڳ سکيا مشهور راڳي پياري فقير ميراثي کان ورتي، هو ڳائڻ کانسواءِ ساز وڄائڻ جي مهارت پڻ رکندو هو ۽ هارمونيم ، ڍولڪ ۽ يڪتارو پڻ بهترين نموني وڄائيندو هو.

مصري فقير ٽيهن ورهين جي عمر جو مس ٿيو ته سندس سڄو ڪٽنب سال 1959ع ڌاري پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي شهداد پور تعلقي جي سرهاڙي ڳوٺ ۾ اچي اباد ٿيو.

هن 1951ع ڌاري ڏهر سماع جي نالي سان مخدوم طالب الموليٰ پاران ٿيندڙ صوفياڻي محفل ۾فن جو اهڙو ته مظاهرو ڪيو جو محفل ۾واهه واهه ٿي وئي ۽ مخدوم طالب المولي کيس ڀاڪر ۾ ڀري سيني سان لڳايو ۽ کيس “ خوش الحان ” جي خطاب سان پڻ نوازيو.

مصري فقير 1952 ع ۾ريڊيو ۽ 1973 ع ۾ پي ٽي وي تي به فن جو مظاهرو ڪيو، سندس مشهور ڪلامن ۾“ پنهنجي دردن جي پنهنجي سورن جي ” “ تون دلڙي يار ڌتاري پوءِ يار ڪانه ڪيئي پوئواري ” سميت ڪيترائي گيت شامل آهن.

مصري فقير پنهنجي شاعري ۾مصري، قربان ۽ درد تخلص استعمال ڪندو رهيو بعد ۾ مخدوم طالب الموليٰ کيس “ مخمور” تخلص ڏنو جيڪو مصري فقير هميشه استعمال ڪندو رهيو.

هن پنهنجي ذاتي ڪوششن سان پنهنجي ڳوٺ سرهاڙي ۾ٻه اسڪول يعني مين ۽ گرلز اسڪول کولرايائين جتي اڄ به سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون  تعليم پرائي رهيون آهن.

سنڌ جو هي سريلو فنڪار 4 سيپٽمبر تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ريل گاڏي ۾ ڳوٺ واپس وڃي رهيو هو ته مٿس اڌ رنگي جو حملو ٿيو ، جنهن سبب سندس جسم جو ست ئي ختم ٿي ويو.

هن عظيم فنڪار کي ترت نوابشاهه جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو پر زندگي ساڻس وفا نه ڪئي ۽ هو  8 سيپٽمبر 1984ع تي سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي  ويو .

مصري فقير جي وڇوڙي کي 34 ورهيه وهامي ويا آهن پر هو اڄ به مداحن جي دلين ۾ موجود آهي، جڏهن ته ثقافت کاتي هن فنڪار کي مڪمل طور وساري ڇڏيو آهي جنهن جو مثال سندس ورسي واري ڏهاڙي تي کيس ياد نه ڪرڻ آهي.

رپورٽ : سليمان ساند

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے