20 منگل , نومبر 2018

پاڪستان ۽ چين طرفان اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.  پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. چين جو پرڏيهي وزير وانگ زي اهم چيني اختيارين سان گڏ پرڏيهي آفيس پهتو جتي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سندس آجيان ڪئي. ڳالهين کان اڳ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۾ ون ٽو ون ملاقات ٿي جنهن بعد وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستاني جڏهن وانگ زي چيني وفد جي قيادت ڪئي. ڳالهين ۾ خطي جي صورتحال، سي پيڪ، ٻنهي ملڪن ۾ معاشي ۽ ثقافتي سهڪار توڙي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو عزم ورجايو.  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته سي پيڪ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ڇو ته سي پيڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ اهم آهي. چيني پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان کي چين ۾ ٿيل درآمدي شين جي عالمي نمائش ۾ خاص مهمان طور شرڪت جي دعوت ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جي آءِ ٽي جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ايس پي طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے