20 منگل , نومبر 2018

پرائي جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ جو اعلان……

پاڪستان جي بچاءُ جي ڏينهن تي جنرل هيڊ ڪواٽرز ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ وزيراعظم سميت، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ بين اعلى سرڪاري عهديدارن ۽ اهلڪارن سميت ڪيئي اهم مهمانن شرڪت ڪئي، انهيءَ موقعي تي وزير اعظم سميت چيف آف آرمي اسٽاف جو خطاب پڻ اهم هو، چيف آف آرمي اسٽاف پنهنجي خطاب ۾ ڀرپور نموني 6- سيپٽمر جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ملڪ جي امن امان جي صورتحال ۽ ملڪ جي دفاع متعلق پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو . چيف آف آرمي اسٽاف چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت دهشتگردن خلاف ڪارروائي جاري رکندي، ادارن جي احترام کان سواءِ جمهوريت مضبوط نه ٿي سگهندي، ملڪ جي بچاءَ لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون، اڄوڪو ڏينهن شهيدن سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي. هن وڌيڪ چيو ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن پاڪ فوج لاءِ اهم ترين ڏينهن آهي، ان ڏينهن قوم مڪار دشمن کي بدترين شڪست ڏني هُئي، اها جنگ اسان لاءِ مشعل راهه آهي. هُن وڌيڪ چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي لهر اُٿي جنهن بدقسمتي سان پاڪستان کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي تباهيءَ ۽ برباديءَ جي ور چاڙهي ڇڏيو ۽ پاڪستان به جهڙوڪر گذريل 30- سالن کان سڌو سنئون ان دهشتگرديءَ جو نشانو بڻجندو رهيو، انهيءَ سموري عرصي دوران دشمنن اسان تي دهشت ۽ خوف مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان کي ڪمزور ۽ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سلام آهي پاڪستاني قوم ۽ محافظن کي، جيڪي ان ڏکئي وقت ۾ مضبوط بيٺل رهيا. جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 70 هزار پاڪستاني شهيد ٿيا، لازوال قربانين کي ياد رکڻ لاءِ 2014ع کان اسان بچاءَ جي ڏينهن سان گڏ شهيدن جو ڏينهن به ملهائيندا آهيون،

هن چيو ته هاڻي پاڪستان آئيندي ڪڏهن به پرائي جنگ ۾ شامل نه ٿيندو جو پاڪستان افغان جنگ جا بدترين نتيجا ڀوڳي چڪو آهي.

6- سيپٽمبر بچاءُ جي ڏينهن تي جنرل قمر جاويد باجوه  جو خطاب انتهائي زميني حقيقتن جي ويجهو آهي، پاڪستان جي سول سوسائٽيءَ جا حلقا، دانشور، ليکڪ، اديب، صحافي ۽ ڪيئي سياسي اڳواڻ پڻ گذريل ٽيهن ئي سالن کان سڌي ۽ اڻ سڌي طور تي اها ڳالهه چوندا رهيا آهن ته پاڪستان کي پرائي جنگ ۾ ملوث ٿيڻ نه گهرجي، گذريل سالن جون جيڪڏهن اخبارون کڻي ڏسجن پوءِ  ڀلي اهي اخبارون ڪهڙي به علائقي،  ٻوليءَ يا مڪتبه فڪر جون ڇونه هُجن انهن ۾ هڪڙي ڳالهه يڪسانيت سان چئي وئي  آهي ته پاڪستان کي افغانستان جي جنگ ۾ ملوث ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اها جنگ جيڪڏهن آمريڪا جي دفاءَ جي جنگ آهي ۽ آمريڪا اها جنگ پنهنجي ملڪ جي دشمنن سان وڙهڻ ٿو چاهي ته ڀل پنهنجي دشمن ملڪ جي سرحدن اندر وڙهي، ان جنگ کي ٻئي ملڪ جي سرحدن اندر نه کڻي وڃي ۽ نه ئي ان جنگ زده  ملڪ جي ڪنهن به پاڙيسري ملڪ کي ان ڳالهه جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هو اهڙي ڪنهن جنگ ۾ ڪنهن جو فريق ٿي داخل ٿئي ان سان ان ملڪ ۽ قوم جو ئي نقصان ٿيندو، ۽ پاڪستان اهڙي ئي صورتحال ۾ ملوث ٿيو جنهنڪري تقريبن 70- هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ ان کان وڌي ماڻهو اپاهجن واري زندگي گذاري رهيا آهن.

افغان جنگ هن خطي جي بدنصيبي آهي ۽ ان کان وڏي بدنصيبي اها آهي ته افغان جنگ مان اڃان ان ڌرتيءَ جي ماڻهن ڪو به سبق نه سکيو آهي جيڪي گذريل 30هن سالن کان سڌو سنئون جنگ جي منهن ۾ آهن، ۽ جنگ جا نقصان برداشت ڪري رها آهن، هاڻي وقت آهي ته انهن کي به سوچڻ گهرجي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، انهي مرحلي تي ٻين کان سواءِ آمريڪا جي پڻ اها اهم ذميوراي ٿئي ٿي ته افغان جنگ کي هاڻي ڪنهن پر امن مرحلي ۾ داخل ڪري اڳتي وڌي ڇو جو هن جنگ ۾ ٻين کان سواءِ آمريڪا جو پڻ پنهنجي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته دنيا جا ٻيا ملڪ ۽ قومون پڻ هن جنگ ۾ اڻ سڌي نموني متاثر ٿيون آهن.

اسين اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيو ته جنرل قمر جاويد باوجوه  ڪنهن به پرائي جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي، ان اعلان جو پس منظر انتهائي تلخ آهي ۽ انهيءَ اعلان جو پيش منظر ڪافي بهتر، امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ وارو آهي جو جنگ ڪڏهن به ترقيءَ جو سبب نه ٿي بڻجي ۽ ٻئي ڪنهن جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ تي الٽو ٻٽو نقصان کي ٿئي ٿي.

اسين اهو به سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيو ته هاڻي پاڪستان لاءِ جنگ ڪهڙي به هُجي، جنگ ڪنهن سان به هُجي حق ۾ نه آهي، دنيا جي بدليل حالتن جي تناظر ۾ ڪوشش ڪري معاملا جنگ بجاءِ ڳالهين سان حل ڪجن ۽ جنگ تي خرچ ايندڙ وسيلن کي ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ تي خرچ ڪجن. جنرل قمر جاويد باجوهه جي اهڙي اعلان تي نه صرف ملڪ جي ساڃاهه وند حلقن ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي، پر ان سان گڏو گڏ علائقي جي سمورن ملڪ جي ساڃاهه وند ماڻهن پڻ آجيان ڪئي آهي، اسين جنرل قمر جاويد باجوهه جي اهڙي اعلان بعد افغان قيادت سميت علائقي جي سمورن ملڪ جي قائدين کي گذارش ڪنداسين ته سندن جا به جيڪڏهن ڪنهن ملڪ سان تعلقات ڇڪتاڻ وارا آهن ته اهي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، دنيا مٽجي رهي آهي ۽ هن دنيا ۾ مجموعي طور تي بک، جھالت ۽ بيماري انسانذات جون دشمن آهن جن سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، تنهنڪري جنرل قمرجاويده  باجوه  جيڪو پرائي جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهو نه صرف ساراهڻ بلڪه عمل ڪرڻ جهڙو آهي.

ڇنڇر 8 سيپٽمبر  2018ع، 27 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جيئڻ جي جاٰءِ آهي

سڀاڻي سموري دنيا ۾ سهپ / بردباريءَ ۽ رواداريءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. نهايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے