13 منگل , نومبر 2018

افغانستان ۾ طالبانن جا حملا ۽ آمريڪا ڀارت تي مهربان..!! 

مصطفيٰ جمالي

ڏٺوو ڃي ته هن وقت آمريڪا ڀارت تي پورو پورو مهربان آهي، اهڙو مهربان هجڻ جي صدقي هن  ڀارت کي ايراني تيل وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ڇو ته اها سڀني کي خبر آهي ته آمريڪا ايران تي مڪمل طور اقتصادي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن ۽ دنيا جي ملڪن کي خبردار ڪيو هو ته جيڪو به ملڪ ايران سان واپار ڪندو ۽ امريڪا جي اقتصادري پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندو ته انهيءَ ملڪ تي به اقتصادي پابنديون لڳائينديون.آمريڪا جي اهڙي بيان کانپوءِ ڀارت اقتصادي معاملن تي ايران سان رابطو ختم ڪريو ڇڏيو هو،پر اوچتو آمريڪا ڀارت تي اهڙو مهربان ٿيو آهي جو هن ڀارت کي ايران کان تيل وٺڻ جي منطوري لاءِ غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي غور ڪرڻ کانپوءِ ڀارت چاهي ته ايران کان تيل خريد ڪري سگهي ٿو،جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته پهرين به جڏهن ايران تي اقتصادي پابنديون هنيون انجي باوجود به ڀارت ايران کان تيل خريد ڪري رهيو هو.هڪ پاسي انڊيا تي اهڙيون مهربانيون ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي آمريڪا لاءِ افغانستان ۾ ايتريون ته ڏکايون پيش آيون آهن جو آمريڪا جا فوجي ڌڙا ڌڙ طالبانن جي حملي ۾ مري رهيا آهن. شايد انهيءَ ڪري آمريڪا انڊيا وسيلي افغانستان ۾ ڪا وڏي گيم کيڏڻ ٿو چاهي جو هوُ انڊيا تي ايترو مهربان ٿي ويو آهي ته اقتصادي پابندين جي هجڻ باجود به هن ڀارت کي ايران سان اقتصادي لاڳاپا ڪرڻ تي غور ڪري ڇڏيو آهي.پر انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پوري دنيا ۾ صرف واحد اسلامي ملڪ آهن جن ۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي.۽ انهيءَ امن امان کي بگاڙڻ ۾ دنيا جي انهن ملڪن جو وڏي ۾ وڏو هٿ آهي جيڪي هن وقت پاڻ کي دنيا جا سپرطاقت ملڪ ٿا سمهجن.انهن ملڪن مان آمريڪا اهو واحد ملڪ آهي جنهن هميشه  اسلامي ملڪن کي پنهنجي مطلبي مفاد جي نظريي سان ڏسي ڪري. انهن ملڪن ۾ گهرو ويڙهه ڪرائي انهن ملڪن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا وري انهن ملڪ ۾ جهادي تنظيمن جي اوٽ وٺي ڪري.انهن ملڪن تي حملا ڪري انهن ملڪن جي سموري معيشت تي قبضو ڪري ڇڏيو.جن مان عراق ۽ افغانستان جو نالو سرفهرست آهي.

ويجهڙ آمريڪي صدر بارڪ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي هڪ بيان ۾ افغانستان جي امن جي حوالي سان هڪ بيان ڏنو ته پئسي ۽ طاقت جي زور تي ڪنهن به ملڪ ۾ امن ڪرائي سگهجي ٿو.آمريڪي صدر جي اهڙي بيان سوچڻ تي مجبور ڪيو ڇڏيوآهي ته آمريڪي صدر ڪهڙي به ملڪ جو نالو پنهنجي بيان ۾ ڇو شامل ڪيو،جڏهن ته آمريڪا لاءِ افغانستان ۽ عراق جو امن قائم ڪرڻ هڪ وڏو چلينج بڻيل آهي.جڏهن ته ڪجهه ڏينهن کان وٺي افغانستان ۾ آمريڪي ايجاد جهادي تنظيمن پاڻ آمريڪا جي مٿي تي پگهر آڻي ڇڏيا آهي.جڏهن ته قندوز جي علائقي جي اهم عمارتن تي تحريڪ طالبان پنهنجا جهنڊا لهرائي ڇڏيا آهن.جيڪي هن وقت دنيا جي سڄي پرنٽ ميڊيا اليڪٽرونڪ ميڊيا توڙي شوشل ميڊيا جي زنيت بڻيا پيا آهن.جيڪڏهن  اهڙي ماحول ۾ آمريڪي صدر پنهنجي بيان اندر اها ڳالهه ڪري ته هو طاقت ۽ پئسي جي زور تي هر ملڪ ۾ امن ڪرائي سگهي ٿو.انهيءَ ڪري آئون اها ڳالهه واضح ڪندو هلان ته جيتري قدر آمريڪا پنهنجو پاڻ کي سپر طاقت ٿو سمجهي اهڙي ريت هو افغانستان مان دهشتگرد ته بڪل به ختم ناهي ڪري سگهيو،جڏهن ته تحريڪ طالبان جا ٻه مک ليڊر اساما بن لادن ۽ ملان عمر به آمريڪي کان ختم ٿي نه سگهيا هئا جڏهن ته آمريڪا پاڪستان جي مدد سان اساما بن لادن کي ختم ڪيو ۽ ملان عمر پنهنجي زندگي ڪنهن بيماري سبب ڇڏي ويو.باقي رهي طالباني طاقت ۽ اها طاقت ته هن وقت به آمريڪي فوج کي ڌڙا ڌڙ ماري رهي آهي.۽ آمريڪي صدر جيڪڏهن سپر پاور جي ڳالهه ٿو ڪري ته افغانستان جي اندر سندس پاور ڇو ڪم ڪونه پيو ڪري ۽ ٻئي ڳالهه جيڪا آمريڪا جي صدر ڪئي ته پيئسي تي هو هر ملڪ اندر امن قائم ڪري سگهي ٿو.انهيءَ ڪري اها ڳالهه غور ڪرڻ جهڙي آهي ته ڇا آمريڪا تحريڪ  طالبان سان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪا پئسي جي وڏي ڊيل ڪرڻ وارو آهي،؟جڏهن ته اهو به سورهن آنا سچ آهي ته آمريڪا عراق ۽ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ کربين آمريڪي ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي پر اڃان ٻنهي ملڪن جو امن آمريڪا لاءِ هڪ وڏو چئلنج بڻيل آهي.۽ ٻئي ملڪ دنيا ۾ امن جي بگاڙ جي حوالي سان خطرناڪ قرار ڏنل آهن.

آمريڪا پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ٻنهي ملڪن ۾ پنهنجي هزارين فوج مارائي چڪو آهي.انهيءَ فوج جو دڙا دڙ مرڻ آمريڪي لاءِ تمام ڏکيو ثابت ٿيو آهي.ڇو ته آمريڪي فوج اهڙي حلاڪتن تي آمريڪي عوام سراپا احتجاج رهي آهي.انهيءَ ڪري آمريڪا عراق مان پنهنجون فوجون واپس گهرائي ورتون هيون ۽ فغانستان ۾ آهستي آهستي فوج واپس گهرائڻ جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو.پر جيئن آمريڪي فوج افغانستان مان گهٽڻ شروع ٿي ته جهادي تنظيمن جا حملا شروع ٿيڻ لڳا.جڏهن آمريڪا لاءِ افغاستان ۾ امن بحال ڪرڻ لاءِ صرف تحريڪ طالبان تي ختم ڪرڻو هو پر هاڻ ته اهي ڳالهيون به ڪجهه ميڊيا تي پهچي چڪيون آهن ته داعش جو وجود به افغستان ۾ پئجي چڪو آهي.۽ آمريڪا انهيءَ جنگي جنون ۾ پنهنجو تمام گهڻو پيسو خرچ ڪيو آهي.آمريڪا رڳو سوويت يونين جي جنگ خلاف 5ملين ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي.جڏهن ته انهيءَ ۾ سندس هڪ فوجي مارجڻ ته ٺهيو پر زخمي به ناهي ٿيو.پرعراق ۽ افغانستان ۾ سندس فوج جو خاصو قتل عام ٿيو آهي.جڏهن سوويت يونين جي خاتمي جو ڪريڊيٽ آمريڪا ڏانهن وڃي ٿو پر اها به سوچڻ جهڙي ڳالهه ته انهيءَ جنگ ۾ آمريڪا جو هڪ به فوجي زخمي نه ٿئي انهيءَ کي جنگ نه چئبو،انهيءَ مان ڳالهه صاف ظاهر آهي ته اها جنگ آمريڪا صرف ۽ صرف پيسي تي کٽي هئي.۽ اربين رپيا خرچ ڪري آمريڪا سوويت يونين کي افغانستان آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.پر افغانستان انهيءَ سوويت فوجن کي افعانستان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.۽ جڏهن افغانستان سوويت يونين فوج کي پنهنجي سرزمين مان ٻاهر ڪڍيو ته انهيءَ ڪاوڙ ۾ آمريڪا افغانستان تان پنهنجو ڌيان مڪمل طور هٽائي ڇڏيو. دنيا آمريڪا کان سوال ڪري رهي آهي ته افغانستان جي حالات خراب آهن ۽ سندس معيشت به گهٽ آهي.

اهڙي ماحول ۾ آمريڪا کي افغانستان جي مدد ڪرڻ گهرجي.انهيءَ سوال جي جواب ۾ آمريڪي اعليٰ قيادت جواب ڏنو ته پئسا آمريڪا جي وڻن تي ناهن ڦٽندا..!!انهيءَ ڪري گذريل ٽن هفتن کان وٺي افغاستان ۾ جنگ جهڙو ماحول پيدا ٿيل آهي ۽ افغانستان جو اهڙو حال ٿي ويو آهي.جو ڪڏهن هو روسي فوجن سان پيو وڙهي ته ڪڏهن پنهنجي ملڪ ۾ جهادي تنظيمن سان اهڙي ماحول ۾ افغانستان اندر اها ڳالهه عام ٿي وئي آهي ته افغانستان ۾ عوام امن سان رهڻ بلڪل وساري چڪي آهي، ننڍڙا ٻار قلم ۽ ڪتاب بجاءِ هٿيارن جي نمائش ڪرڻ ۾ پورا آهن ۽ پنهنجي مخالف جي موت تي خوشيون ڪندا آهن،بهرحال افغانستان هڪ اسلامي ملڪ آهي،اتي به عوام رهي ٿو اتي به انسان پلجن ٿا.انهيءَ ڪري افغانستان ۾ به امن قائم ٿيڻ گهرجي.افغانستان تمام گهڻيون غلطيون ڪيون آهن.پر هاڻ آمريڪا ۽ اولهه ملڪن کي به اهو احساس ٿي چڪو آهي ته انهن کان به تمام گهڻون وڏيون غلطيون ٿيون آهن،11سپٽميبرسانحي کان پوءِ آمريڪا وڏيون ڪوششون ڪيون ته دهشتگردي ختم ڪجي پر انهيءَ دهشتگردي ختم ٿيڻ بجاءِ وڌڻ لڳي.عراق مان صدر صدام حسين کي آمريڪا ڦاهي تي چاڙهي خوش ٿيو ته عراق ۾ امن ٿيندو پر عراق جي حالت دهشتگردي ڪري ويتر خراب ٿي وئي.انهيءَ ڪري هن وقت اهو وڏي ۾ وڏو سوال آهي ته ڇا عالمي اڳواڻن وٽ انهيءَ اهڙي حڪمت عملي آهي جو انهيءَ دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪري سگهجي. هر ملڪ جي هر انسان کي صرف ۽ صرف پنهنجي امن امان جي خراب ٿيڻ جو ڏک آهي.انهيءَ ڪري هن وقت افغانستان ۾ امن جو بگڙڻ انهيءَ ڪري آهي جو آمريڪا افغانستان سان پنهنجا شفقت وارا هٿ هٽائي ڇڏيا آهن،انهيءَ جو قندوز جي علائقن تي طالبان جو حملو چٽو ثبوت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انسان دوستي اُتم ڪم

حافظ سڪندر تنيو انساني سماج جي ترقي ۽ واڌاري ۾ اڄڪلهھ جي وڏي رڪاوٽ مذهبي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے