21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: مٺي: ليڊي ڊاڪٽر جي لاپرواهي سبب ڊليوري دوران عورت ٻارڙي سميت فوت

Mithi: Lady doctor carelessness murdered woman along with her baby in womb*مٺي سول اسپتال ۾  ليڊي ڊاڪٽر جي لاپرواهي  سبب ڊليوري دوران آپريشن ۾ رڳ ڪٽجڻ سبب عورت ٻارڙي سميت فوت ٿي وئي، وارثن جو گذريل پنجن ڪلاڪن کان احتجاج جاري آهي.

سول اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر موهني گوتم جي مبينا لاپرواهي ۽ غفلت سبب ڊليوري لاءِ ٻه ڏينهن کان داخل ڳوٺ ڪهڙي جي 27 سالا عورت سهڻي ڇڇر کي  آپريشن ٿيٽر ۾ آندو ويو.

آپريشن دوران   عورت جي رڳ ڪٽجڻ سبب بليڊنگ ٿي  جنهنڪري عورت تڙپي تڙپي  تازي ڄاول ٻارڙي سميت فوت ٿي وئي.

فوتي عورت جي وارثن ڊاڪٽرياڻي جي  اهڙي لاپرواهي ۽ غفلت خلاف  آپريشن ٿيٽر آڏو لاش  رکي ڌرڻو هنيو جيڪو پنجن  ڪلاڪن  کان جاري آهي.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  لاپرواهي ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر موهني گوتم ۽ ڊاڪٽر امير شاهه خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

هنن چيو تھ ليڊي ڊاڪٽر موهني گوتم ساڻن  ظلم ڪيو آهي  ليڊي ڊاڪٽرياڻي  جي لاپرواهي سبب سندن عورت  ۽ تازو ڄاول ٻارڙو  فوت ٿي ويو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو  نوٽِس وٺي ڊاڪٽري4اني خلاف قنوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے